ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)معروف سياسي ۽ سماجي اڳواڻ مرحوم اي ڊي جوکيو جي ياد ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي اهتمام هيٺ هڪ پروقار تعزيتي ريفرنس منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ ضلعي ملير جي مختلف علائقن مان آيل سوين ماڻهن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ معززن شرڪت ڪئي. تقريب ۾ ايم پي اي ساجد جوکيو، سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه، پاڪستان پيپلز پارٽي ملير جو جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو، مير عباس، بلال جوکيو، غلام قادر جوکيو، سليم سالار، شبير شاه سميت مرحوم جا عقيدتمند وڏي انگ ۾ موجود هئا.تعزيتي ريفرنس کي خطاب ڪندي ايم پي اي ساجد جوکيو چيو ته مرحوم اي ڊي جوکيو جي لاڏاڻي سان ملير هڪ بااصول، نڊر ۽ عوام دوست اڳواڻ کان محروم ٿي ويو آهي. هن چيو ته مرحوم هميشه حق ۽ سچ جو ساٿ ڏنو ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ عملي جدوجهد ڪئي، سندس خدمتون ڪڏهن به وساري نٿيونسگهجن.سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اي ڊي جوکيو صرف سياسي اڳواڻ نه پر هڪ درد دل رکندڙ انسان هو، جيڪو هر مظلوم سان گڏ بيٺل نظر ايندو هو. هن چيو ته مرحوم جي جدائي سماج ۾ اهڙو خال پيدا ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو ڊگهي عرصي تائين ڀرجي نه سگهندو.پيپلز پارٽي ملير جي جنرل سيڪريٽري امداد جوکيو چيو ته مرحوم سياست کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال نه ڪيو، پر هميشه عوامي خدمت کي اوليت ڏني. هن چيو ته اي ڊي جوکيو اتحاد، ڀائيچاري ۽ رواداري جو علمبردار هو ۽ سندس جدوجهد نئين نسل لاءِ مشعلِ راهه آهي.تقريب کي خطاب ڪندي مير عباس ۽ غلام قادر جوکيو چيو ته مرحوم جي زندگي سادگي، خلوص ۽ عوامي خدمت جي روشن مثال هئي. هنن چيو ته ملير جي تاريخ ۾ اي ڊي جوکيو جو نالو هميشه سونهن اکرن سان لکيو ويندو.ان موقعي تي مرحوم جي پٽ بلال جوکيو جذباتي خطاب ڪندي چيو ته سندس والد سڄي زندگي اصولن تي قائم رهي عوام جي خدمت ڪئي. هن عزم ظاهر ڪيو ته هو پنهنجي والد جي مشن کي جاري رکندي عوامي خدمت جو سلسلو برقرار رکندو. مرحوم جي ويجهي مائٽ عبدالقادر جوکيو چيو ته اي ڊي جوکيو نه رڳو هڪ سياسي اڳواڻ هو، پر هڪ بهترين انسان، مخلص دوست ۽ درد دل رکندڙ شخصيت پڻ هو، جيڪو هميشه ماڻهن جي ڏک سک ۾ شريڪ رهيو.تعزيتي ريفرنس جي پڄاڻي تي مرحوم جي مغفرت، درجات جي بلندي ۽ پسماندگان لاءِ صبرِ جميل جي دعا ڪئي وئي. ان موقعي تي سليم جي ميمڻ، ساگر خاصخيلي، علي مستوئي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو
0 تبصرے