هڱورجا ۾ سمبوا پاران نوجوان تي تشدد ۽ مبينا ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو ڀرڻ خلاف احتجاج

اڳوڻي ايم پي اي سڪندر شورو جو ڀاڻيجو عباس شورو ۽ سندس ساٿين ڪوٽڙي مان راحيل سهتو کي اغوا ڪيو هو: تاج محمد مڱڻيجو

هڱورجا ۾ سمبوا پاران نوجوان تي تشدد ۽ مبينا ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو ڀرڻ خلاف احتجاج

ھڱورجا(رپورٽر)سمبوا جي مرڪزي اڳواڻ تاج محمد منڱڻيجو. بدرالدين منڱڻيجو عبدالرزاق منڱڻيجو پريس ڪانفرنس چيو آھي تہ ڪجھ ڏينھن اڳ پ پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي سڪندر شورو جو ڀاڻيجو عباس شورو ۽ ان جي ساٿين ڪوٽڙي ۾ اسان جي برادري جي عطامحمد سھتو جي پٽ راحيل سھتو کي اغوا ڪري شورو فارم ھائوس تي سخت تشدد جو نشانو بڻايو ۽ ان جي ڪپڙن کان آجو ڪري وڊيو ٺاهي وئي ان جو ڪوٽڙي ٿاڻي تي عباس شورو سميت چار جوابدارن خلاف ڪيس داخل ٿيڻ باوجود پوليس جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ لاء تيار ناھي ھنن چيو تہ شورا برادري جا ڪجھ شرپسند اسان جي برادري جي خلاف سوشل ميڊيا تي گھٽ وڌ ڳالھائي شورابرادري ۽ سھتا منڱڻيجا برادري جو قبيلائي تڪرار ڪرڻ پيدا ڪري خونريزي ڪرائڻ گھرن ٿا ھنن چيو تہ اسان قانون جو سھارو ورتو آھي شورا برادري جي چڱن مڙسن کي گھرجي پنھنجي برادري شرپسندن کي قابو ۾ آڻين ۽ اسان جي ماڻھن سان ٿيل ناجائزي جو آزالو ڪيو وڃي ھنن چيو ت اسان جي برادري ايتري ڪمزور ناھي جو اسان جي ماڻھن تي بنا جواز تشدد ڪيو وڃي ھنن آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي جوابدارن کي گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ سخت احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.