شڪارپور ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس ايڇ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروهي شهيد، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ۽ ٻين جي شرڪت

شڪارپور ڀرسان ڏوهارين سان مقابلي دوران ايس ايڇ او لکي غلام شاهه خميسو خان بروهي شهيد، جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي ناصر آفتاب ۽ ٻين جي شرڪت

شڪارپور (احسان ابڙو) شڪارپور ڀرسان سکر شڪارپور انڊس هاء وي رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ ڏوهارين جو روڊ تي رڪاوٽون ڏئي ناڪو,ايندڙ ويندڙ مسافرن کان ڦرلٽ,اطلاع تي پوليس پهتي ته ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو,گولي لڳڻ ڪري ايس ايڇ او ٿاڻو لکي غلام شاھ خميسو خان بروهي زخمي ٿي پيو,کيس فوري طور سکر ريفر ڪيو ويو ضياء الدين اسپتال ۾ زخمن جا سور نه سهندي شهيد ٿي ويو,خميس ۽ جمعي جي وچ واري رات جو 12 وڳي ڌارين لکي غلام شاھ ٿاڻي جي حد سکر شڪارپور انڊس هاء وي رينجرز چيڪ پوسٽ وٽ رڪاوٽون ڏئي 7 ڏوهارين پاران نوابشاھ کان ڪوئٽا ويندڙ مسافر ڪوچ سوارن کي يرغمال بڻائي کانئن ڦرلٽ ڪئي,روڊ بند هجڻ جي اطلاع تي لاڳاپيل ٿاڻي جو ايس ايڇ او خميسو بروهي نفري سوڌو واقعي واري هنڌ پهتوته جوابدارن مٿس فائرنگ ڪري ڏني جنهنجي نتيجي ۾ گولي لڳڻ ڪري ايس ايڇ او شديد زخمي ٿي پيو جنهن کانپوء جوابدار واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا,زخمي ايس ايڇ او کي نازڪ حالت ۾ ضياءالدين اسپتال سکر ريفر ڪيو ويو جتي هن زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻيء حوالي ڪري ڇڏيو,واقعي جي اطلاع تي پوليس جي نفري طلب ڪئي وئي,جنهن جاء واردات تي پهچي جوابدارن جا پيرا کڻي 20ميل ٿاڻي جي حد ۾هنيا جتي پوليس پاران ڪارروائي ڪري مبينا جوابدارن جا گهر ساڙيا ويا,جڏهن ته ڊرون فائرن ۾جتوئين ۽ جوڻيجا برادري جا ٻن نينگرين سميت 6ماڻهو زخمي ٿي پيا,هوڏانهن شهيد ايس ايڇ او جو مڙھ لکي اسپتال مان ضروري ڪارروائي کانپوء پوليس هيڊ ڪوارٽر شڪارپور آندو جتي سندس نماز جنازه ادائيگي ڪري سرڪاري اعزاز سان پڻ نوازيو ويو,جنازي نماز ۾ شهيد جي وارثن شهرين ۽سول سوسائٽي سميت ڊي آءجي ناصر آفتاب پٺاڻ,رينجرز جي ڊي ايس آر محمود احمد,ايس ايس پي شاهزيب چاچڙ,ڊي سي شڪيل ابڙو ۽ ٻين عملدارن شرڪت ڪئي جنازي نماز ۾ ڪوبه چونڊيل نمائندو يا سرڪردو اپوزيشن اڳواڻ شريڪ نه ٿيو,شهيدس جو مڙھ اباڻي قبرستان سلطان ڪوٽ ۾ مٽيء ماء حوالي ڪيو ويو,آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪيس داخل نه ٿيو هو قاتلن جي گرفتاري لاء پوليس ۽ رينجرز پاران مختلف هنڌن تي آپریشن هلندڙ هو.