ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد جعفر پنهوار جي وارثن جو احتجاج، مقابلو ڪوڙو قرار

ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد جعفر پنهوار جي وارثن جو احتجاج، مقابلو ڪوڙو قرار

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ملير سٽي پوليس جي مبينا مقابلي ۾ مارجي ويل نوجوان محمد جعفر پنهوار جي وارثن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سان گڏ اسٽيل ٽائون ٿاڻي اڳيان احتجاجي مظاهرا ڪيا، جتي پوليس مقابلي کي ڪوڙو ۽ اڳرائيءَ تي ٻڌل قرار ڏنو ويو.احتجاج جي اڳواڻي سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير پنهوار، مقتول جي وارثن ۽ جسقم اڳواڻ ڊاڪٽر انعام سيال ڪئي، جڏهن ته احتجاج ۾ وڏي انگ ۾ سياسي ڪارڪنن، سماجي تنظيمن جي نمائندن ۽ علائقي واسين شرڪت ڪئي. احتجاج دوران شرڪت ڪندڙن پوليس خلاف سخت نعريبازي ڪئي ۽ واقعي جي شفاف جاچ جو مطالبو ڪيو.مظاهري کي خطاب ڪندي وارثن ٻڌايو ته نوجوان محمد جعفر پنهوار کي 20 جنوري تي گلشن حديد واري علائقي مان پوليس مبينا طور گرفتار ڪري کنڀي وئي، جنهن بعد هو ٻن ڏينهن تائين لاپتا رهيو. وارثن جو چوڻ هو ته ٻه ڏينهن بعد پوليس جعلي مقابلو ظاهر ڪري نوجوان کي قتل ڪري ڇڏيو، جيڪو سراسر ظلم ۽ قانون جي ڀڃڪڙي آهي. احتجاج ڪندڙن جو چوڻ هو ته محمد جعفر پنهوار بيگناهه ۽ پورهيت نوجوان هو، جيڪو محنت مزدوري ڪري پنهنجي خاندان جو گذر سفر ڪندو هو. هنن چيو ته مقتول جو ڪنهن به ڏوهن سان ڪو به تعلق نه هو، پر ان باوجود پوليس بيگناهه نوجوان کي نشانو بڻايو.سماجي اڳواڻ ڊاڪٽر نظير پنهوار ۽ ڊاڪٽر انعام سيال پنهنجي خطاب ۾ چيو ته پوليس مقابلا اصل ۾ عدالت کان مٿاهون قتل آهي جيڪي انساني حقن جي کليل لتاڙ آهن. هنن مطالبو ڪيو ته واقعي ۾ ملوث پوليس اهلڪارن خلاف فوري ايف آءِ آر داخل ڪئي وڃي، کين گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي ۽ معاملي جي اعليٰ سطحي، غير جانبدار جاچ ڪرائي وڃي.احتجاج ڪندڙن سنڌ حڪومت، آءِ جي سنڌ ۽ اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته مقتول جي وارثن کي انصاف فراهم ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.آخر ۾ احتجاج پرامن نموني سان ختم ڪيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن اعلان ڪيو ته جيستائين انصاف نه ملندو، تيستائين سندن جدوجهد جاري رهندي.