عمرڪوٽ ۾ ڪرپشن معاملو، ضلعي فوڊ ڪنٽرولر وشن داس معطل

خوراڪ کاتي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر وشن داس کي معطل ڪري ڇڏيو

عمرڪوٽ ۾ ڪرپشن معاملو، ضلعي فوڊ ڪنٽرولر وشن داس معطل

عمرڪوٽ (ڪانجي مل رکيسر) خوراڪ کاتي ضلعي فوڊ ڪنٽرولر وشن داس کي معطل ڪري ڇڏيو آهي، جنهن تي ضلع ۾ اٽي جي فراهمي ۾ بدانتظامي ۽ عوام کي مهانگي اٽي تي مجبور ڪرڻ جو الزام آهي، وشن داس وٽ ٿرپارڪر جو اضافي چارج پڻ هو، پر ان جي دور ۾ ڪڻڪ جي بروقت تقسيم متاثر ٿي، عمرڪوٽ جي شهرين وشن داس جي نااهلي سبب مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اضافي تي سخت تشويش جو ظاهر ڪيو، ذريعن موجب عوامي شڪايتن ۽ خوراڪ کاتي جي تحقيقات کان پوءِ فوري ڪاروائي ڪئي وئي، جنهن تحت وشن داس کي معطل ڪيو ويو، عمرڪوٽ جي رھواسين مطالبو ڪيو آهي ته خوراڪ جي ورڇ ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن مهانگائي جي دٻاءَ هيٺ عوام وڌيڪ نه دٻجي.