سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس ۽ هٿياربند جوابدارن ۾ ٿيل مقابلي دوران هڪ ڏوهاري مارجي ويو: پوليس
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير سٽي ٿاڻي جي حدن ۾ پوليس ۽ هٿياربند جوابدارن ۾ ٿيل مقابلي دوران اي ايس آءِ محمد خان ابڙو جي شهادت ڪيس ۾ ملوث هڪ اهم گهربل جوابدار همارجي ويو، جنهن کي پوليس طرفان ڪيس ۾ وڏي اڳڀرائي قرار ڏنو پيو وڃي۔پوليس موجب مارجي ويل جوابدار 18 آگسٽ 2025 تي بن قاسم ٿاڻي جي حدن ۾ ڊيوٽي دوران پوليس آفيسر اي ايس آءِ خان محمد ابڙو تي فائرنگ ڪري کيس شهيد ڪرڻ واري واقعي ۾ ملوث هو۔ واقعي دوران جوابدارن بنا فائرنگ ڪئي، جنهن سبب اي ايس آءِ خان محمد ابڙو موقعي تي ئي شهيد ٿي ويو هو۔پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته گذريل رات ملير سٽي پوليس ٽيم معمول موجب گشت تي مامور هئي ته ان دوران موٽرسائيڪل تي سوار هٿياربند جوابدارن پوليس پارٽي کي ڏسندي ئي فائرنگ شروع ڪري ڏني۔ پوليس جي جوابي فائرنگ ۾ هڪ جوابدار مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي اونداهي جو فائدو وٺندي فرار ٿي ويا۔ شروعاتي جاچ موجب مارجي ويل جوابدار جي سڃاڻپ محمد جعفر عرف بوبِي طور ٿي آهي، جيڪو اي ايس آءِ شهيد خان محمد ابڙو جي قتل ڪيس ۾ سڌي ريت ملوث هو۔ پوليس موجب جوابدار وٽان موبائل فون ۽ هٿيار سميت گوليون به هٿ آيون آهن۔ايس ايس پي ملير موجب مارجي ويل جوابدار پوليس کي اڳ ئي انتهائي گهربل هو، جنهن جي گرفتاري لاءِ مختلف ٽيمون جوڙيون ويون هيون ۽ مسلسل ڪارروائيون جاري هيون۔ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار ۽ سندس ساٿي پوليس تي حملن سان گڏ شهري ماڻهن تي فائرنگ ۽ جان ليوا وارداتن ۾ پڻ ملوث رهيا آهن پوليس اختيارين جو وڌيڪ چوڻ آهي ته فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ کين جلد گرفتار ڪيو ويندو۔
0 تبصرے