سجاد زهراڻي جي جنازي نماز گهگهر ۾ ادا ڪئي وئي، پورهيتن، مزدور اڳواڻن، مل انتظاميا ۽ علائقي واسين جي شرڪت
ملير (عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي پورٽ قاسم انڊسٽريل ايريا ۾ ڪم دوران پيش آيل افسوسناڪ حادثي ۾ فوت ٿيندڙ پورهيت سجاد زهراڻي جي جنازي نماز گهگهر ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ پورهيتن، مزدور اڳواڻن، مل انتظاميا ۽ علائقي واسين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، سوڳ واري فضا ۾ سجاد زهراڻي جو مڙهه سوين آلين اکين سان مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو، پورهيت نوجوان سجاد زهراڻي جي بي وقتائتي موت تي علائقي ۾ ڏک جي لهر ڇانيل ۽ هر اک آلي هئي، جڏهن ته فوتي جي وارثن ۽ مٽن مائٽن جو ڏک ۽ سڏڪا جيء جهوريندڙ هئا، ان موقعي تي فوتي جي وارثن محمد جمن، حميد گل ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته “اسان سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان جو جوان ڳڀرو پٽ، جنهن جي شادي جا سانباها ڪيا پئي ويا، اوچتو حادثي جي ور چڙهي اسان کان وڇڙي ويو آهي، هي اهڙو ڏک آهي جيڪو ڪڏهن به وسرڻ جو ناهي.” هنن مطالبو ڪيو ته واقعي جي شفاف جاچ ڪئي وڃي ۽ ذميوارن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، ان موقعي تي پورٽ قاسم مزدور يونين جي صدر نويد سولنگي چيو ته سجاد زهراڻي جو موت صرف هڪ خاندان لاءِ نه پر سڄي پورهيت طبقي لاءِ وڏو سانحو آهي، هن چيو ته “اسان متاثر خاندان سان هر وقت گڏ آهيون ۽ کين اڪيلو نه ڇڏينداسين، يونين طرفان ڪوشش ڪئي ويندي ته مل انتظاميا کي ڳالهين جي ميز تي آڻي متاثر خاندان کي مڪمل انصاف ۽ معاوضو ڏياريو وڃي، ٻي صورت ۾ اسان احتجاج ڪرڻ جو قانوني حق محفوظ رکون ٿا. جڏهن ته سياسي سماجي تنظيمن جي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته انڊسٽريل ايرياز ۾ پورهيتن جي جان ۽ تحفظ لاءِ حفاظتي اپاءَ سخت ڪيا وڃن، ڇو ته لاپرواهي ۽ حفاظتي قدمن جي کوٽ سبب اهڙا حادثا بار بار پيش اچي رهيا آهن. هنن حڪومت ۽ لاڳاپيل ادارن کان به مطالبو ڪيو ته پورهيتن جي تحفظ بابت قانونن تي سختي سان عمل ڪرايو وڃي جيئن مستقبل ۾ اهڙا دردناڪ واقعا روڪي سگهجن.
0 تبصرے