ٺٽي ۾ ڊي سي پاران شهر ۾ ٽريفڪ نظام بهتر رکڻ جي هدايت

ٺٽي ۾ ڊي سي پاران شهر ۾ ٽريفڪ نظام بهتر رکڻ جي هدايت

ٺٽو( شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳٽ جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم جي نگراني هيٺ قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ ۽ شهرين کي خوشگوار ماحول ۽ سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ غيرقانوني قبضا هٽائڻ کان پوءِ خاص پيٽرولنگ ڪئي وئي۔ ان موقعي تي شهر جي مختلف هنڌن تي قائم غيرقانوني بس ۽ وين اسٽينڊ ختم ڪرايا ويا - ڪارروائي دوران روڊ تي گاڏيون بيهاري آمدرفت ۾ رڪاوٽ بڻجندڙ ٻه ڪمرشل گاڏيون تحويل ۾ ورتيون ويون۔ اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو چيو ته هي قدم ٽريفڪ جي نظم وضبط کي بهتر بڻائڻ ۽ شهرين کي محفوظ ۽ آسان سفر جون سهولتون مهيا ڪرڻ لاءِ کنيو ويو آهي۔ هن واضح ڪيو ته غيرقانوني قبضاگيرين ۽ غيرقانوني پارڪنگ خلاف ڪارروائيون بنا فرق جي مستقبل ۾ به جاري رهنديون ته جيئن شهر ۾ ٽريفڪ جو نظام موثر ۽ روان دوان رکيو وڃي۔