English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ڊي سي ٺٽو پاران ڀنڀور جي سمنڊ ڪناري مينگروز جا ٻوٽا لڳائي وڻڪاري مهم جو آغاز
108 views
|
27th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت تاريخي ماڳ ڀنڀور جي سمنڊ ڪناري مينگروز جا ٻوٽا لڳائي شجرڪاري مهم جو باقاعده آغاز ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي ڊپٽي ڪمشنر چيو ته مينگروز جا ٻوٽا پوکڻ جو مقصد موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن، قدرتي آفتن ۽ سائيڪلون کان تحفظ مهيا ڪرڻ آهي. هن چيو ته هزارين سالن جي قديم آثارن تي ٻڌل تاريخي ماڳ ڀنڀور کي محفوظ بڻائڻ ۽ ان کي فروغ ڏيڻ به هن مهم جو اهم مقصد آهي، ته جيئن نوجوان نسل کي پنهنجي تهذيب ۽ ثقافت سان روشناس ڪرايو وڃي. ڊپٽي ڪمشنر وڌيڪ چيو ته ضلع ٺٽو جي سموري ساحلي پٽي تي مينگروز جي وڻن جي سخت ضرورت آهي، ڇو ته اهي وڻ سامونڊي ڪٽاؤ ۽ طوفانن کان ساحلي علائقن کي بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا. هن چيو ته هن سرگرمي وسيلي هڪ مثبت پيغام ويندو ۽ عوام ۾ ماحولياتي تحفظ بابت شعور وڌندو. ڊپٽي ڪمشنر زور ڏنو ته هن تاريخي آثارن واري ماڳ کي محفوظ بڻائڻ لاءِ گڏيل ۽ مربوط قدمن جي ضرورت آهي ۽ مينگروز جي واڌاري سان نه رڳو ماحول بهتر ٿيندو پر ساحلي علائقن جو قدرتي بچاءُ پڻ مضبوط ٿيندو. هن لاڳاپيل ادارن ۽ شهرين تي زور ڏنو ته مينگروز جي شجرڪاري کي وڌيڪ هٿي ڏني وڃي. تقريب ۾ ٻيلو کاتو، وائلڊ لائيف، سياحت، ثقافت، سوشل ويلفيئر ۽ ٻين کاتن جي آفيسرن، آغا خان فائونڊيشن ۽ ٻين اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي. ان کان علاوه سنڌ يونيورسٽي ڪيمپس ٺٽو جي پروفيسرن ۽ شاگردن، مختلف اسڪولن جي نياڻين، وڪيلن، صحافين، ماحولياتي ماهرن ۽ مختلف مڪاتبِ فڪر سان تعلق رکندڙ ماڻهن پڻ شرڪت ڪئي .تقريب جي پڄاڻي تي شرڪت ڪندڙن مينگروز جي اهميت اجاگر ڪرڻ ۽ ساحلي پٽي جي تحفظ لاءِ گڏيل ڪوششون جاري رکڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ان کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت شرڪت ڪندڙن کي ڀنڀور ميوزيم جو دورو ڪرايو جتي هن تاريخي ۽ قديمي شين بابت ڄاڻ پڻ فراهم ڪئي
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
23rd Apr 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
رئيس حاجي بنگل خان چانگ هڪ منفرد شخصيت..!!
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
صدر زرداری کی صحت سے متعلق افواہیں بے بنیاد ہیں: سلیم مانڈوی والا
23rd Apr 2026
•
تازہ ترین
امریکی ناکہ بندی کے باوجود آبنائے ہرمز سے ایران کے 34 آئل ٹینکر گزر گئے
23rd Apr 2026
•
سندھ
جاگیردارانہ نظام نامنظور — خواتین کے قتل، تشدد اور ہراسانی کے خلاف کراچی میں احتجاج
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
خراب حڪمراني سنڌ ۾ عورتن ۽ ٻارن جي زندگيءَ جھنم بڻائي ڇڏي آهي: اياز لطيف پليجو
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ: کاروڙو واري علائقي ۾ ناري سان مبينا زيادتي واري واقعي جو ڪيس داخل
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوهار برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا زخمي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڊي سي ٺٽو پاران ڀنڀور جي سمنڊ ڪناري مينگروز جا
0 تبصرے