ٺٽو (شفيق ڀٽي) ٺٽو پوليس پاران رمضان المبارڪ جي پاڪ مهيني ۾ نمازِ جمعه المبارڪ جي موقعي تي ضلعي جي سمورين مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن جي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا، تفصيل موجب ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي جي حڪمن تي رمضان المبارڪ جي پاڪ مهيني ۽ نمازِ جمعه المبارڪ جي موقعي تي ضلعي جي سمورين مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن تي سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. جمعه المبارڪ جي موقعي تي ضلعي جي مسجدن، مدرسن ۽ امام بارگاهن تي خصوصي سيڪيورٽي پلان تحت پوليس نفري جي تعیناتي کي يقيني بڻايو پيو وڃي، ايس ايس پي ٺٽو جي حڪمن تي سمورن ايس ڊي پيز ۽ ايس ايڇ اوز جي نگراني ۾ ضلعي جي داخلي ۽ خارجي رستن تي سنيپ چڪنگ دوران موٽر سائيڪلن، رڪشائن، مسافر وين، بسن ۽ ٻين ننڍين وڏين گاڏين جي چڪاس ڪئي پئي وڃي.
0 تبصرے