نوشهروفيروز ۾ نوجوان ناري مڙس هٿان ڳلو ڪپي قتل

نوشهروفيروز ۾ نوجوان ناري مڙس هٿان ڳلو ڪپي قتل

نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز جي بينظير ڪالوني ۾ گهرو اڻبڻت تان مڙس هٿان زال قتل ٿي وئي 27 سالن جي صنم چانڊيو کي مڙس غلام محمد چانڊيو چاڪوء جا وار ڪري بيدرديءَ سان قتل ڪيو پوليس اطلاع ملڻ تي مقتولا جو لاش سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي جڏهن ته مقتولا جو قاتل مڙس فرار ٿي ويو آهي واقعي جو ڪيس داخل ناهي ٿي سگهيو