ٽنڊو محمد خان ۾ راندين واري کاتي پاران رانديگرن لاءِ مالي سهائتا

ضلعي اسپورٽس آفيسر محمد جنيد تقريب دوران ضرورتمند رانديگرن ۾ امدادي رقم ورهائي

ٽنڊو محمد خان ۾ راندين واري کاتي پاران رانديگرن لاءِ مالي سهائتا

ٽنڊو محمد خان (رپورٽر) ٽنڊو محمد خان ۾ سنڌ جي راندين واري کاتي پاران اينڊومينٽ فنڊ تحت رانديگرن لاءِ مالي سهائتا فراهم ڪئي وئي۔ ضلعي اسپورٽس آفيسر محمد جنيد فاروق اسپورٽس آفيس ٽنڊو محمد خان ۾ منعقد ٿيل تقريب دوران ضرورت مند رانديگرن ۾ امدادي رقم ورهائي . تفصيل موجب رانديگرن ۾ امدادي رقم ورهائڻ جو مقصد رانديگرن جي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ ۽ ضرورت جي وقت سندن سهائتا ڪرڻ آهي۔ اها مالي مدد انهن رانديگرن لاءِ مخصوص ڪئي وئي، جيڪي بيماري يا معاشي بدحالي جو شڪار رهيا آهن، جيئن هو علاج معالجي ۽ روزمره جي ضروري خرچن کي باعزت نموني پورو ڪري سگهن . راندين واري کاتي پاران اينڊومينٽ فنڊ تحت فراهم ڪيل اها سهائتا نه رڳو عملي تعاون جي عڪاسي ڪري ٿي، پر رانديگرن جي خدمتن جي سڃاڻپ ۽ سندن قدرداني جو به اظهار آهي۔ ان موقعي تي ضلعي اسپورٽس آفيسر پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته رانديگرن جي ڀلائي، تحفظ ۽ همٿ افزائي لاءِ اهڙا قدم مستقبل ۾ به جاري رکيا ويندا، جيئن هو بنا ڪنهن ڊپ يا رڪاوٽ جي پنهنجي صلاحيتن جو ڀرپور اظهار جاري رکي سگهن۔