نوشهروفيروز (ڊ ر ) سنڌ فوڊ اٿارٽي نوشهروفيروز پاران ضلعي انتظاميه جي مدد سان نوشهروفيروز ضلعي مختلف علائقن ۾ ڪارروائي ڪندي آيوڊين کان بغير غيرقانوني لوڻ ڪرشنگ يونٽس کي سيل ڪري ڇڏيو سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ضلعي نوشهروفيروز ۾ ڪارروائي ڪندي ڪيترن ئي لوڻ ڪرشنگ يونٽن کي سيل ڪري ڇڏيو تفصيل مطابق سنڌ فوڊ اٿارٽي ضلعي انتظاميا کي مدد سان ضلعي جي مختلف علائقن ۾ بغير آيوڊين جي لوڻ پيھي کپائيندڙ چڪين ۽ دوڪانن کي جيڪو انساني صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهيو ٿي ان کي سيل ڪري انھن تي جرمانو پڻ ھيو ويو تہ جيئن عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بنائي سگھجي۔ ڪارروائي دوران مالڪن کي هدايت ڪئي وئي ته هو لاڳاپيل قانونن تي سختي سان عمل ڪن ۽ صرف معياري آيوڊين ملايل لوڻ جي پيداوار ۽ وڪري کي يقيني بڻائين۔ سنڌ فوڊ اٿارٽي عوام کي اپيل ڪئي آهي ته هو صرف تصديق ٿيل ۽ آيوڊين ملايل لوڻ استعمال ڪن ۽ ڪنهن به غير قانوني سرگرمي بابت اطلاع اختيارين کي ڏين.
0 تبصرے