ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس عمرڪوٽ ۾ محمد عالم سومرو جي ريٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقد

ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس عمرڪوٽ ۾ محمد عالم سومرو جي ريٽائرمينٽ تي الوداعي تقريب منعقد

عمرڪوٽ (ڊ ، ر) ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيس عمرڪوٽ ۾ رجسٽرڊ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي طرفان ڊسٽرڪٽ اڪائونٽس آفيسر محمد عالم سومرو جي باعزت ريٽائرمينٽ جي موقعي تي هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، تقريب ۾ رحيمداني ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي روحِ روان نامور سماجي شخصيت رسول بخش رحيمداڻي پاران شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ کيس يادگار شيلڊ پيش ڪئي وئي، جڏهن ته سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پڻ پيش ڪيا ويا، تقريب کي خطاب ڪندي نامور سماجي شخصيت رسول بخش رحيمداڻي چيو ته محمد عالم سومرو جهڙا ايماندار ۽ فرض شناس آفيسر صدين ۾ پيدا ٿيندا آهن، هن چيو ته سرڪاري عهدو اچڻ وڃڻ وارو هوندو آهي، پر جيڪو آفيسر پنهنجي ايمانداري، سادگي ۽ انسان دوستي سان ماڻهن جي دلين ۾ جاءِ ٺاهي وٺي، اهو هميشه زنده رهندو آهي، محمد عالم سومرو پنهنجي سروس دوران قانون ۽ ضابطن جي پاسداري کي اولين ترجيح ڏني، ڪڏهن به دٻاءُ يا سفارش کي اهميت نه ڏني ۽ هر سائل کي انصاف فراهم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، هن وڌيڪَ چيو ته ضلع عمرڪوٽ ۾ مالي معاملن کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۾ محمد عالم سومرو جو ڪردار ناقابلِ فراموش آهي، پينشنرز، استادن، ملازمن ۽ عام شهرين جي مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪرڻ سندن سڃاڻپ رهي آهي، هو رڳو سرڪاري آفيسر نه پر حساس دل رکندڙ انسان پڻ آهن، جيڪي ٻين جي ڏک کي پنهنجو ڏک سمجهن ٿا، رسول بخش رحيمداڻي چيو ته اڄ اسين کيس الوداع نٿا چئون، پر سندس خدمتن کي سلام پيش ڪريون ٿا، سندس نالو ضلع عمرڪوٽ جي انتظامي تاريخ ۾ سنهري اکرن سان لکيو ويندو، هن دعا ڪئي ته الله پاڪ محمد عالم سومرو کي صحت، سڪون ۽ عزت ڀري ڊگهي زندگي عطا فرمائي، ان موقعي تي رسول بخش رحيمداڻي ۽ نوجوان صحافي سجاد علي شيخ محمد عالم سومرو کي سنڌ جي ثقافت جي علامت اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا، ان موقعي تي محمد عالم سومرو پنهنجي خطاب ۾ رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۽ خاص طور رسول بخش رحيمداڻي جو دل جي گهراين سان شڪريو ادا ڪندي چيو ته اها عزت افزائي سندس لاءِ وڏو اعزاز آهي، هن چيو ته هن هميشه ايمانداري ۽ خلوص نيت سان پنهنجا فرض نڀائڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ جيڪڏهن ڪنهن شهري جو مسئلو حل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو ته اهو ئي سندس اصل ڪاميابي آهي، هن وڌيڪَ چيو ته ڪنهن به آفيسر جي اصل ڪاميابي تڏهن هوندي آهي جڏهن عام شهري ۽ پينشنرز مطمئن ٿي آفيس مان واپس وڃن، جيڪڏهن سندس ڪوششن سان ڪنهن مستحق کي وقت سر ادائيگي ملي يا ڪنهن پريشان ملازم جو مسئلو حل ٿيو ته اهو ئي سندس لاءِ سڀ کان وڏو اعزاز آهي، هن چيو ته هو پنهنجي ٽيم ۽ عملي جي سهڪار کي پڻ قدر جي نگاه سان ڏسي ٿو، ڇو ته گڏيل ڪوششن سان ئي نظام بهتر نموني هلي سگهي ٿو، تقريب ۾ اڳوڻو ڊي او پرائمري دوارکو مل، اڪائونٽنٽ غلام مجتبيٰ، ڪريم ميمڻ، منظور چانڊيو، اڪائونٽنٽ راشد دل، حاجي اڪرام چوڌري (پ ٽ الف تعلقه صدر)، ايڊووڪيٽ نندلال مالهي ۽ ٻيا معزز شخصيتون پڻ موجود هيون، جن محمد عالم سومرو جي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو، مقررین چيو ته محمد عالم سومرو پنهنجي سروس دوران ايمانداري، خوش اخلاقي ۽ پيشاورانه صلاحيتن جو عملي مظاهرو ڪيو، هن ضلع عمرڪوٽ جي مالي معاملن کي شفاف ۽ منظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، جنهن کي هميشه ياد رکيو ويندو، تقريب جي پڄاڻي تي مقررين هن عزم جو اظهار ڪيو ته محمد عالم سومرو جي ايمانداري، سادگي ۽ عوام دوستي ايندڙ نسل جي آفيسرن لاءِ مشعلِ راه ثابت ٿيندي.