گڏاپ جي ڪوھستان علائقي ۾ پاڪستان کان اڳ آباد قديم ڳوٺ سمورين سهولتن کان محروم

گڏاپ جي ڪوھستان علائقي ۾ پاڪستان کان اڳ آباد قديم ڳوٺ سمورين سهولتن کان محروم

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير ضلعي جي گڏاپ تعلقي ۾ پاڪستان کان اڳ آباد ڪوھستان جا ڪيترائي ڳوٺ اڄ به بنيادي انساني سهولتن کان محروم آهن۔ ملير جي جابلو پٽيءَ ۾ رهندڙ هزارين ماڻهو صحت، تعليم، صاف پاڻي، روڊ، بجلي ۽ روزگار جهڙين بنيادي ضرورتن لاءِ ترسي رهيا آهن ان سلسلي ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جي صحافين جي ٽيم علائقي جو مطالعاتي دورو ڪري سروي ڪيو جنهن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته ملير جا ڪوهستاني ڳوٺ جن ۾ نوشيروان گوندر، حيات گوندر، مير خان، روزي گوندر، ڏيپار گوندر، پارپيو گوندر، قادو گوندر، يارمحمد گوندر، ربو گوندر، امام بخش گوندر، نواز علي گوندر، رمضان گوندر ۽ آدم گبول سميت ڪيترائي ڳوٺ شديد مسئلن جي ور چڙهيل آهن سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علائقي ۾ نه مناسب اسپتالون آهن ۽ نه ئي بنيادي صحت مرڪز فعال آهن۔ بيمار ماڻهن کي علاج لاءِ ڪراچي شهر وڃڻو پوي ٿو، جڏهن ته ايمرجنسي حالتن ۾ خراب رستن سبب جاني نقصان جا واقعا به سامهون اچن ٿا سرڪاري اسڪول موجود هجڻ باوجود استادن جي کوٽ، عمارتن جي زبون حالي ۽ بنيادي سهولتن جي نه هجڻ سبب ٻار تعليم کان محروم آهن۔ ڇوڪرين جي تعليم خاص طور تي متاثر آهي ڪيترن ڳوٺن ۾ رهواسي کوهن يا برساتي پاڻي تي ڀاڙين ٿا، جنهن ڪري پاڻي سان لاڳاپيل بيماريون عام آهن۔ روڊ ۽ ٽرانسپورٽ: اڪثر رستا ڪچا ۽ ٽٽل آهن۔ برساتن دوران علائقو ملڪ جي ٻين حصن کان ڪٽجي وڃي ٿو، جڏهن ته ٽرانسپورٽ جون سهولتون نه هجڻ برابر آهن روشني جي شهر ڪراچي م هجڻ باوجود ڪيترائي ڳوٺ بجلي کان محروم آهن۔ روزگار جا محدود موقعا هجڻ سبب نوجوان وڏن شهرن ڏانهن لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آهن رهواسين، عبدالڪريم گوندر، حادي بخش گوندر سلطان گبول حاجي ڪنڊا خان گوندر، اشرف گوندر، رياض گوندر ۽ ٻين حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته صحت ۽ تعليم لاءِ هنگامي بنيادن تي قدم کنيا وڃن، صاف پاڻي جا منصوبا شروع ڪيا وڃن، روڊن جي تعمير ۽ مرمت ڪئي وڃي ۽ مقامي سطح تي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا وڃن، جيئن ٿڌي ڪوھستان کي به ترقي جي ڌارا ۾ شامل ڪري سگهجي۔