گورنر ڪامران ٽيسوري جي سنڌ دشمن بيانن خلاف ملير ۾ وڪيلن جو احتجاج

ملير بار ايسوسيئيشن جي سڏ تي وڪيلن پاران عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ۽ احتجاجي مظاهرو

گورنر ڪامران ٽيسوري جي سنڌ دشمن بيانن خلاف ملير ۾ وڪيلن جو احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير بار ايسوسيئيشن پاران گورنر سنڌ جي مبينا تعصباڻي ۽ سنڌ ورهائڻ وارن بيانن خلاف سخت احتجاج ڪندي عدالتي ڪارروائين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو. وڪيلن عدالتن جي احاطي ۾ گڏ ٿي گورنر خلاف نعريبازي ڪئي ۽ فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو.بار جي اڳواڻن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ڪامران ٽيسوري پاران ڪراچي جي انتظامي مستقبل ۽ حيثيت بابت ڏنل بيان صوبي جي وحدت خلاف آهن، جن جو سنجيدگي سان نوٽيس ورتو وڃي. هنن الزام هنيو ته گورنر هائوس ۾ ٿيندڙ اهڙيون سرگرميون پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 239 جي روح جي ڀڃڪڙي برابر آهن.وڪيلن ياد ڏياريو ته سنڌ اسيمبلي اڳ ئي سنڌ جي وحدت ۽ علائقائي سالميت جي حمايت ۾ قرارداد منظور ڪري چڪي آهي، تنهن ڪري اهڙن بيانن کانپوءِ گورنر جو پنهنجي عهدي تي برقرار رهڻ جو ڪو به جواز باقي نه ٿو رهي.ان موقعي تي ملير بار جي صدر ارشاد شر ۽ ٻين عهديدارن صدر پاڪستان ۽ وزيراعظم پاڪستان کان مطالبو ڪيو ته هو فوري طور معاملي جو نوٽيس وٺي گورنر کي عهدي تان هٽائڻ لاءِ آئيني قدم کنيا وڃن.احتجاج دوران وڪيلن چيو ته هو سنڌ جي وحدت، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري قدرن جي تحفظ لاءِ پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.