عمرڪوٽ سٽي ۾ ترقياتي پيور بلاڪ جو ڪم شروع

پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي: امير علي شاه

عمرڪوٽ سٽي ۾ ترقياتي پيور بلاڪ جو ڪم شروع

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پ پ پ ضلع عمرڪوٽ ۽ پيپلزپارٽي حڪومت جي خصوصي دلچسپي سان عمرڪوٽ سٽي ۾ وڏي پيماني تي ترقياتي ڪم شروع ڪيا ويا آهن، ايم پي اي سيد امير علي شاھ جي هدايتن تي شهر جي مختلف علائقن ۾ پيور بلاڪ روڊن جي تعمير جو ڪم جاري آهي، جنهن سان شهرين کي بهتر سهولتون فراهم ٿينديون، تفصيل موجب دڙو ڪولهي، مولچنداڻي پاڙو، ميگهواڙ پاڙو، مهاراج پاڙو، جوڳي ڪالوني، ٻٻر پاڙو، پنهور ۽ ڀٽي پاڙو کان منون مالهي اسڪول ڪنري روڊ تائين روڊن جي تعمير تيزي سان جاري آهي، هن منصوبي سان نه صرف علائقي جي خوبصورتي ۾ اضافو ٿيندو پر آمدرفت پڻ وڌيڪَ آسان، محفوظ ۽ خوشگوار بڻجندي، ايم پي اي سيد امير علي شاه چيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه عوامي خدمت کي ترجيح ڏني آهي ۽ مستقبل ۾ به ترقياتي ڪمن جو سلسلو جاري رهندو، هن وڌيڪَ چيو ته عمرڪوٽ شهر کي جديد سهولتن سان ليس ڪرڻ سندن اولين ترجيح آهي، ان موقعي تي ضلعي انفارميشن سيڪريٽري گهنشام داس چيو ته سنڌ حڪومت عوام سان ڪيل واعدا عملي طور پوري ڪري رهي آهي ۽ هي ترقياتي منصوبا ان جو روشن ثبوت آهن، شهرين طرفان جاري ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي وئي آهي ته روڊن جي تعمير مڪمل ٿيڻ بعد روزمره زندگي ۾ نمايان سڌارو ايندو.