مڙس جي وفات کان پوءِ اسان کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ٻارن تي به حملا ڪيا ويا آهن: شيرين سليم ميمڻ
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمڻ ڳوٺ ۾ وراثتي تڪرار ۽ مبينا ڌمڪين واري معاملي تي مرحوم پورهيت سليم ميمڻ جي گهرواري شيرين سليم پنهنجي ٻارن سميت ميڊيا آڏو پيش ٿي انصاف ۽ تحفظ جي اپيل ڪئي آهي. هن الزام لڳايو ته مڙس جي وفات کان پوءِ سندن ڪٽنب کي هراسان ڪيو پيو وڃي ۽ ٻارن تي به حملا ڪيا ويا آهن، جنهن سبب هو سخت خوف ۽ عدم تحفظ جو شڪار آهن.شيرين سليم جو چوڻ آهي ته معاملو وراثتي حصي تان پيدا ٿيو آهي. متاثر ڌر موجب حاجي احمد پاڙي جي معززين ڪيترائي ڀيرا فيصلي ۽ ٺاهه جي ڪوشش ڪئي، پر معاملو حل نه ٿي سگهيو. شيرين سليم چيو ته منهنجو مڙس سليم غريب ماڻهو هو، گاڏي هلائي روزگار ڪندو هو. مڙس جو حق گهرڻ ڪو ڏوهه ناهي، پر اسان کي مسلسل ڌمڪيون ملن ٿيون. منهنجا ٻار غير محفوظ آهن ۽ اسان کي جان جو خطرو آهي.هن وڌيڪ ٻڌايو ته 18 فيبروري تي ميمڻ ڳوٺ ٿاڻو تي ايف آءِ آر داخل ڪرائي وئي، پر اڃا تائين ڪا اثرائتي ڪارروائي نظر نٿي اچي. سندس اپيل آهي ته داخل ڪرايل ڪيس جي شفاف جاچ ڪري ذميوارن خلاف قانون موجب قدم کنيا وڃن ۽ کيس ۽ سندس ٻچڙن کي فوري تحفظ فراهم ڪيو وڃي.شيرين سليم اعليٰ ادارن، پوليس اختيارين ۽ انساني حقن جي تنظيمن کان مطالبو ڪيو آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي انصاف مهيا ڪيو وڃي، جيئن هو پنهنجي ٻچڙن سان گڏ پُرامن زندگي گذاري سگهي.
0 تبصرے