ڏوڪري(اطهر ميمڻ) ڏوڪري جي رهواسي غلام ياسين ڪنڀر، زاهد عرف پپن ڪنڀر ۽ نظر محمد ڪنڀر ڏوڪري پريس ڪلب ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو آهي ته مظهر گلال ۽ ارشاد گلال گذريل پنڌرهين سالن کان سندن جي پراپرٽي تي قبضا ڪري ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائي حراسان ڪري رهيا آهن. هنن چيو ته مظهر گلال ۽ ڏيرا برادري ۾ هلندڙ تڪرار سان اسان جو ڪو به تعلق ناهي نه ئي اسان جو مظهر گلال سان واسطو آهي . هنن چيو ته ڪجھ سال اڳ مظهر گلال اسان جي دوڪان تي چڙهائي ڪري حملو ڪيو هو جنهن جي خلاف پرنٽ ميڊيا ۽ سوشل ميڊيا ذريعي احتجاج ڪري لاتعلقي ڪئي هئي. هنن چيو ته اسان شريف ۽ ڪاروباري ماڻهو آهيون اسان جو ڏيرا برادري سميت ڪنهن به برادرين سان ڪو به معاملو مسئلو ناهي. هنن چيو ته مظهر گلال بي گناھ اسان کي پنهنجي مسئلن ۾ وجهي دشمنيون ڪرائي رهيو آهي اسان جو مظهر گلال جي معاملن مسئلن ۽ دشمنين سان تعلق ناهي نه ئي اسان کي بي گناھ ڦاسايو وڃي.
0 تبصرے