رمضان المبارڪ ۾ عوام کي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي: صابر بگٽي
شڪارپور(احسان ابڙو) سيپڪو شڪارپور طرفان رمضان ۾ زيرو لوڊشيڊنگ جو بھتر انتظام ڪيو ويو آھي,انھي سلسلي ۾ شڪارپور ۾ سکر اليڪٽرڪ پاور ڪمپني (سيپڪو) جي سپرنٽنڊنگ انجنيئر صابر علي بگٽي طرفان رمضان المبارڪ مھيني ۾ لوڊشيڊنگ جي انتظامن بابت اهم پريس ڪانفرنس ڪندي ميڊيا کي ٻڌايو تہ وفاقي وزير توانائي اویس لغاري جي هدايتن تي رمضان المبارڪ دوران سحر، افطار ۽ تراويح جي وقتن ۾ زيرو لوڊشيڊنگ کي يقيني بڻايو ويو آهي,هن چيو ته سي اي او اعجاز علي چنا جي خاص هدايتن تي رمضان کان اڳ ئي ضروري مينٽيننس مڪمل ڪئي وئي هئي ته جيئن ڪنهن به ممڪن خرابي کان بچي سگهجي,هن وڌيڪ ٻڌايو ته ضلعي ۾ 21 ڪمپلين سينٽر، 19 گرڊ اسٽيشن، 113 فيڊر ۽ 13 سب ڊويزن فعال آهن، جڏهن ته شڪارپور، جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ ڊويزنن جي لڳاتار مانيٽرنگ جاري آهي,سحر، افطار ۽ تراويح دوران لوڊشيڊنگ بابت ڪا به شڪايت وصول نه ٿي آهي,ان موقعي تي ايڪسيئن آپريشن عرفان علي سومرو، ڊپٽي ڊائريڪٽر صفن شاهه، ايس ڊي او سهيل احمد ملاڻو, ايس ڊي او صمد انڙ ۽ ايس ڊي او خانپور هوش محمد سيٺار پڻ موجود هئا.
0 تبصرے