English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ ميونسپل ڪارپوریشن جي چيئرمين طارق عزیز بلوچ جي صدارت ۾ اجلاس
268 views
|
23rd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني کي نظر ۾ رکندي خصوصي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ٽاؤن ميونسپل ڪارپوریشن گڏاپ جي چيئرمين طارق عزیز بلوچ گڏاپ ٽاؤن آفيس ۾ ڪائونسل ميمبرن ۽ مختلف کاتن جي آفيسرن سان اهم اجلاس جي صدارت ڪئي، جنهن ۾ آفيسر ماليات افتخار حسین دایو پڻ موجود هو۔ اجلاس دوران سڀني چونڊيل ڪائونسل ميمبرن پنهنجن پنهنجن يونين ڪائونسلن جا مسئلا، جاري ترقياتي ڪم، صفائي سٿرائي، پاڻي جي فراهمي، نيڪالي آب (سيوريج) نظام ۽ اسٽريٽ لائٽن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني۔ ميمبرن علائقائي ضرورتن کان آگاهه ڪندي فوري قدمن کڻڻ تي زور ڏنو۔ رمضان المبارڪ جي مقدس مهيني کي نظر ۾ رکندي خصوصي انتظامن جو به جائزو ورتو ويو۔ مسجدن ۽ عبادتگاهن جي چوڌاري صفائي سٿرائي، سحري ۽ افطار جي وقتن ۾ پاڻي جي بنا رڪاوٽ فراهمي، نالن ۽ سيوريج لائينن جي صفائي، اسٽريٽ لائٽن جي مرمت ۽ بازارن مان تجاوزات ختم ڪرڻ بابت واضح هدايتون جاري ڪيون ويون۔ چيئرمين طارق عزيز بلوچ هدايت ڪئي ته رمضان دوران شهرين کي وڌ کان وڌ سهولت ۽ رليف فراهم ڪيو وڃي، شڪايتن جي فوري ازالي کي يقيني بڻايو وڃي ۽ بلدياتي خدمتن ۾ ڪنهن به قسم جي ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي۔ هن چيو ته عوامي خدمت جو مشن ذميواري ۽ ايمانداري سان جاري رکيو ويندو۔ ان موقعي تي ميونسپل ڪمشنر محمد نواز مہر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته رمضان المبارڪ دوران سڀئي کاتا ۽ عملي جا ماڻهو ميدان ۾ سرگرم رهندا۔ هنگامي بنيادن تي ٽيمون جوڙي ڇڏيون ويون آهن ۽ صفائي توڙي پاڻي جي فراهمي واري نظام جي روزاني بنياد تي نگراني ڪئي ويندي۔ اجلاس جي پڄاڻي تي سڀني ميمبرن ۽ آفيسرن گڏيل سهڪار ۽ يڪجهتي سان گڏاپ ٽاؤن جي ترقي ۽ عوامي خدمت لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪيو۔هن موقعي تي پارلياماني ليڊر ڪائونسل ميمبر مير عباس ٽالپور، جنرل سيڪريٽري سٽي ايريا 85 ميمبر عبدالستار جوکيو، ميمبر امن دين جوکيو، اقليتي ميمبر سني مسيح، ڊائريڪٽر پراپرٽي سهيل يار خان، سپرنٽنڊنٽ انجنيئر (ايم اينڊ اي) نور علي جمالي، ڊائريڪٽر انفارميشن رضوان صابر، ڊائريڪٽر پينشن جلال حنيف، ڊائريڪٽر پي رول ڪاشف اقبال، AEE وسيم آرائين، اسسٽنٽ انجنيئر ارشد بلوچ، پي ايس چيئرمين لعل جان نبي سميت ٻيا به موجود هئا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گڏاپ ميونسپل ڪارپوریشن جي چيئرمين طارق عزیز بلوچ
0 تبصرے