نوشهروفيروز (ڊ ر) اسسٽنٽ ڪمشنر ۽ مختيارڪار روينيو خلاف دڪاندارن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ احتجاج ڪندي مک شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، روڊ هر قسم جي ٽريفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو ۽ روينيو عملدارن جي سرڪاري گاڏين جو گهيراءُ ڪيو. احتجاج دوران مظاهرين سخت نعريبازي ڪندي الزام هنيو ته حد دخلين خلاف ڪارروائين ۽ وڌيڪ اگهه وصول ڪرڻ جي آڙ ۾ روزانو بنيادن تي ڀتو ورتو پيو وڃي، جنهن سبب ڪاروباري برادري سخت پريشاني ۾ مبتلا آهي. مظاهرين جو چوڻ هو ته روينيو عملدار بنا ڪنهن باقاعده نوٽيس جي مارڪيٽن ۽ دڪانن تي پهچي ڪارروائي جو ڊپ ڏيئي پئسا طلب ڪن ٿا. سندن دعويٰ هئي ته رقم نه ڏيڻ جي صورت ۾ سامان ضبط ڪرڻ، چالان ڪٽڻ يا دڪان سيل ڪرڻ جون ڌمڪيون ڏنيون وڃن ٿيون. دڪاندارن جو چوڻ هو ته هو اڳ ئي مهانگائي ۽ بجلي بلن سبب مالي بحران جو شڪار آهن، اهڙي صورتحال ۾ غيرقانوني وصوليون سندن لاءِ وڌيڪ بار بڻجي رهيون آهن. احتجاج ۾ شامل واپاري اڳواڻن چيو ته جيڪڏهن حد دخلين خلاف حقيقي ۽ قانوني ڪارروائي ڪرڻي آهي ته اها شفاف طريقي سان، بنا امتيازي سلوڪ جي ڪئي وڃي. هنن مطالبو ڪيو ته اعليٰ اختيارين معاملي جو فوري نوٽيس وٺي غيرجانبدار انڪوائري ڪرائين ۽ جيڪڏهن الزام ثابت ٿين ته ذميوار عملدارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هنن اهو به چيو ته شهر ۾ ڪاروبار جي آزادي ۽ واپارين جي عزت نفس جو تحفظ حڪومت جي ذميواري آهي. ڌرڻي سبب ٽريفڪ جام ٿي وئي ۽ مسافرن کي سخت تڪليف پيش آئي. پوليس ۽ انتظاميا جي نمائندن احتجاج ڪندڙن سان ڳالهيون ڪري روڊ کولرائڻ جي ڪوشش ڪئي. ڪجهه ڪلاڪن جي ڳالهين بعد جزوي طور روڊ کوليو ويو، جڏهن ته مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0 تبصرے