ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) صنعتي علائقي پورٹ قاسم ڀرسان TCS آفيس جي ويجهو جهنگ مان لنگهندڙ ماڻهن بجلي جي هاءِ ٽينشن لائين جي ٽاور سان هڪ نوجوان جو ڦاهو لڳل لاش ڏٺو جنهن بابت فوري طور پوليس کي اطلاع ڏنو ويو. اطلاع ملڻ تي لاڳاپيل ٿاڻي بن قاسم ٹاؤن جي پوليس نفري واقعي واري هنڌ پهتي ۽ لاش کي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. بعد ۾ ایدھی فاؤنڈیشن جي ايمبولينس ذريعي لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ ويجهي ٿاڻي منتقل ڪيو ويو.پوليس موجب فوتي جي سڃاڻپ طارق ولد جاويد طور ٿي آهي، جنهن جي عمر لڳ ڀڳ 30 سال ٻڌائي وڃي ٿي. شروعاتي طور واقعو بظاهر خودڪشي لڳي ٿو، تنهن هوندي به پوليس مختلف پاسن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي ته جيئن واقعي جي اصل سببن ۽ حقيقتن جو پتو پئجي سگهي.
0 تبصرے