English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ڀٽائي آباد فائرنگ ڪيس: سيد طحا شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن جو احتجاج
207 views
|
22nd Feb 2026
•
سنڌي خبرون
سيد طحا شاهه جي وارثن ۽ علائقي واسين سندس قاتلن جي گرفتاري لاءِ پلي ڪارڊ کڻي احتجاج ڪيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)ڀٽائي آباد جي علائقي شادي خان چوڪ تي ڪجهه ڏينهن اڳ فائرنگ ڪري قتل ڪيل نوجوان سيد طحا شاهه جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ وارثن ۽ علائقي واسين احتجاجي مظاهرو ڪيو۔ مظاهرو ڪندڙن هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي قاتلن جي فوري گرفتاري ۽ انصاف جو مطالبو ڪندا رهيا۔ مقتول جي ڀاءُ آصف شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته واقعي کي پنج ڏينهن گذري چڪا آهن، پر پوليس هن مهل تائين اصل قاتلن خلاف ڪا به مؤثر ڪارروائي ناهي ڪئي۔ هن الزام هنيو ته پوليس رڳو هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري ايف آءِ آر داخل ڪئي آهي، جڏهن ته اصل قاتل اڃا تائين آزاد گھمي رهيو آهي۔وارثن موجب جوابدار سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪري وڌيڪ ماڻهن کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جنهن سبب کين سخت خطرا لاحق آهن۔ هنن چيو ته پوليس نه صرف کين تحفظ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهي آهي پر ساڻن مڪمل تعاون به نٿي ڪري۔آصف شاهه چيو ته سندس ڀاءُ محنت مزدوري ڪري گهر جو گذر سفر هلائيندو هو ۽ کيس بيگناهه قتل ڪيو ويو آهي۔ هن مطالبو ڪيو ته جوابدارن کي جلد کان جلد گرفتار ڪري قانون موجب سخت سزا ڏني وڃي۔ مظاهرو ڪندڙن آءِ جي سنڌ ۽ ٻين وس وارن کان اپيل ڪئي ته واقعي جو نوٽيس وٺي اصل قاتل کي گرفتار ڪري وارثن سان انصاف ڪيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: ڀٽائي آباد فائرنگ ڪيس
سيد طحا شاهه جي قاتلن جي گرفتا
0 تبصرے