سنڌ جا ٻيلا تباھ صحت تعليم تباھ روزگار جا ذريعا ختم ڌاڙيل گردي بدامني عروج تي آھي
ٺٽو(ڊ ر) جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض علي چانڊيو مڪلي تي مراد علي شاهه ڀاڏائي منزل تي ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو آھي تـ گورنر ھائوس ۾ ايم ڪيو ايم جي سڄي ليڊرشپ کي اسلام آباد ويھاري ھڪڙو سنڌ دشمن بيانيو جوڙايو ويو آھي اھو پنجاب ۽ ان جي طاقتور قوتن پاڻ ٺاھيو آھي رھزنن سنڌ تباھ ڪئي آھي سنڌ تي حاڪميت ڪندڙ پيپلزپارٽي ڪرپشن جي آڙاھ ۾ ڪري پئي آھي سنڌ کي پ پ ۽ سنڌي آفيسرن ھٿ وٺي غير محفوظ ڪيو آھي سنڌ جا ٻيلا تباھ صحت تعليم تباھ روزگار جا ذريعا ختم ڌاڙيل گردي بدامني عروج تي آھي ٻي پاسي لاھور مان سنڌ جي وحدت خلاف گورنر ھائوس ۾ سازشون ڪيون پيون وڃن اسلام آباد ۽ لاھور جي تخت ڌڻين سنڌ کي ورھائڻ لاء پنھجي ھٿان يرغمال بڻايل ايم ڪيو ايم کي وري ميدان مھيا ڪيو آھي سنڌ جي مستقل آبادين کي ويڙھائڻ جون سازشون عروج تي آھن ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ھڪ سڪي جا ٻـ پاسا آھن گل سينٽر واقعي جا ذميوار وزير اعلي ۽ گورنر ٻھي آھن ٻنھي تي ايف آء آر داخل ٿيڻ گھرجي ڪنھن ماء جي لال ۾ طاقت ناھي جو سنڌ ورھائي سگھي سنڌ اسان جو ساھ آھي ڪراچي سنڌ جو روح آھي ان تي دشمن قوتن کي قابض ٿيڻ ڪونـ ڏينداسين سنڌ کي ھٿ سام برباد ڪيو ويو آھي سنڌ تي ظلم جو اگھاڙو راڄ قائم آھي ٻي پاسي پ پ کي استعمال ڪندي ايم ڪيو ايم جي دھشتگرد گورنر ٽسوري جي ذريعي گورنر ھائوس کي نائن زيرو بڻايو ويو آھي جتي سنڌ جي تاريخي وحدت خلاف ماحول جوڙيو پيو وڃي ان موقعي تي نواز شاهه ڀاڏائي الاھي بخش چاچڙ ابرار مورائي نادر شاهه ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھئا
0 تبصرے