English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 15 ڏينهن کان بجلي بند، رهواسين جو ڌرڻو
227 views
|
19th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
مڇريل شهرين وڏي تعداد ۾ گهرن مان نڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هڻي ويهي رهيا، ٽريفڪ معطل
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ گذريل پندرهن ڏينهن کان بجلي جي لڳاتار بندش خلاف رهواسين جو صبر جواب ڏئي ويو. مشتعل شهرين وڏي تعداد ۾ گهرن مان نڪري قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو ۽ روڊ هر قسم جي ٽرئفڪ لاءِ بند ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ڪراچي کان ٺٽو ۽ پورٽ قاسم ويندڙ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون ۽ ٽرئفڪ جو نظام مڪمل طور مفلوج ٿي ويو احتجاج ۾ رزاق آباد، ڌڻي پرتَو، نوحاڻي ڳوٺ، لاشاري ڳوٺ، پير سرهندي، ڄام ڪنڊو سميت پولي ٽريٽ فيڊر سان لاڳاپيل سوين ڳوٺن جا رهواسي وڏي تعداد ۾ شريڪ ٿيا. مظاهرين جو چوڻ هو ته رمضان المبارڪ جي بابرڪت مهيني ۾ به بجلي جي عدم فراهمي سندن زندگيون عذاب بڻائي ڇڏيون آهن. روزيدارن کي سحري ۽ افطاري جي تيارين ۾ سخت مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جڏهن ته پاڻي جي فراهمي به سخت متاثر ٿي رهي آهي مظاهرين الزام لڳايو ته ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا وٽ ڪيترائي ڀيرا شڪايتون داخل ڪرائڻ ۽ لاڳاپيل اختيارين کي آگاهه ڪرڻ باوجود بجلي بحال نه ڪئي وئي آهي. هنن چيو ته پندرهن ڏينهن کان پورو علائقو اوندهه ۾ ٻڏل آهي پر سندن دانهن ٻڌڻ وارو ڪو به ناهي احتجاج سبب قومي شاهراهه تي گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون، جنهن ڪري مسافرن ۽ ٽرانسپورٽرن کي سخت پريشاني کي منهن ڏيڻو پيو. بعد ۾ مقامي انتظاميا ۽ پوليس عملدارن مظاهرين کي ڌرڻو ختم ڪرڻ تي زور ڀريو، پر مظاھرين واضح ڪيو ته جيڪڏهن بجلي فوري طور بحال نه ڪئي وئي ته ڌرڻو ختم نہ ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رزاق آباد ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ 15 ڏينهن
0 تبصرے