نوشهروفيروز۾ آيوڊين جي کوٽ سبب صحت تي پوندڙ خطرن بابت ڊي سي آفيس ۾ اجلاس

نوشهروفيروز۾ آيوڊين جي کوٽ سبب صحت تي پوندڙ خطرن بابت ڊي سي آفيس ۾ اجلاس

نوشهروفيروز(ڊ ر) آيوڊين جي کوٽ سبب صحت تي پوندڙ خطرن بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ اهم اجلاس، شهرين ۽ واپارين کي آگاهي ڏني وئي. نوشهروفيروز ۾ نيوٽريشن انٽرنيشنل پاران آيوڊين جي کوٽ جي صحت تي پوندڙ خطرناڪ اثرن بابت ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ DIDDC جو هڪ اهم اجلاس منعقد ٿيو، جنهن جي صدارت ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم ڪئي. اجلاس ۾ هيلٿ ڊپارٽمينٽ، فوڊ اٿارٽي، لوڻ جي ڪاروبار سان لاڳاپيل واپارين ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. اجلاس جو مقصد آيوڊين جي کوٽ سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي سنگين مسئلن تي روشني وجهڻ ۽ آيوڊين مليل تصديق ٿيل لوڻ استعمال ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ هو. ان موقعي تي نيوٽريشن انٽرنيشنل جي زونل مئنيجر اورنگزيب پنهور بريفنگ ڏيندي چيو ته آيوڊين جي کوٽ جسماني ۽ ذهني واڌ ويجهه لاءِ انتهائي خطرناڪ آهي. ان جي کوٽ سبب ڳلي جي بيمارين (گوئٽر)، اعصابي نظام جي ڪمزوري، حامله عورتن کي پيچيدگيون ۽ ٻارن ۾ ذهني صلاحيت جي گهٽتائي جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا. خاص طور تي نون ڄاول ٻارن جي ذهني واڌ ويجه ۾ آيوڊين جو ڪردار اهم آهي، ان جي کوٽ سبب ٻار سکڻ، سمجهڻ، ياداشت ۽ ذهني پختگيءَ جي عمل ۾ پٺتي رهجي وڃن ٿا. ڊپٽي ڪمشنر محمد ارسلان سليم پنهنجي خطاب ۾ چيو ته آيوڊين جي کوٽ صحت لاءِ هڪ سنجيده چئلينج آهي، جنهن کي حل ڪرڻ لاءِ واپارين، لوڻ ٺاهيندڙن ۽ عام شهرين جي ذميواري آهي ته هو صرف آيوڊين مليل تصديق ٿيل لوڻ ئي استعمال ڪن. ضلعي انتظاميا هر ممڪن تعاون لاءِ تيار آهي. هيلٿ ۽ تعليم کاتن جي نمائندن کي چيو ته اسڪولن، اسپتالن ۽ ڪميونٽي جي سطح تي آگاهي مهم هلائي ويندي، جتي خاص طور تي عورتن، حامله عورتن ۽ والدين کي آيوڊين جي اهميت بابت آگاهي ڏني ويندي. فوڊ اٿارٽي جي آفيسرن زور ڏيندي چيو ته شهر جي دڪانن تي موجود لوڻ جي معيار کي چيڪ ڪيو ويندو ۽ ناقص يا غير تصديق ٿيل لوڻ جي وڪري تي سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. اجلاس دوران واپارين پڻ يقين ڏياريو ته هو صرف آيوڊين مليل معياري لوڻ ئي وڪرو ڪندا ته جيئن ضلعي ۾ ايندڙ نسل جي صحت کي محفوظ بڻائي سگهجي. آيوڊين صرف لوڻ ۾ ناهي، پر صحت جي بنياد ۾ شامل آهي. محفوظ مستقبل لاءِ، تصديق ٿيل لوڻ جي چونڊ ڪئي.