اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپورساڪرو نبي بخش سولنگي ريٽ لسٽ چيڪ ڪئي
ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي) ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي خصوصي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو نبي بخش سولنگي رمضان المبارڪ جي پهرين ڏينهن گهارو شهر جي مختلف مارڪيٽن ۽ دڪانن جو اوچتو دورو ڪري سرڪاري طور مقرر ڪيل ريٽ لسٽ چيڪ ڪئي. ان موقعي تي هن دڪاندارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته هو سرڪار پاران مقرر ڪيل اگھن جي پابندي ڪن ۽ عوام کي مقرر ڪيل قيمتن تي خوراڪ جون شيون فراهم ڪن. هن چيو ته رمضان المبارڪ دوران ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرہ اندوزي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي ۽ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف سخت قانوني ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. دوري دوران ڪيترين ئي دڪانن تي ريٽ لسٽون ظاهر نه ڪرڻ تي دڪاندارن کي وارننگ جاري ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه دڪانن تي وڌيڪ قيمتون وصول ڪرڻ تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا ويا. ان موقعي تي اسسٽنٽ ڪمشنر ميرپور ساڪرو عوام کي اپيل ڪئي ته جيڪڏهن ڪو دڪاندار وڌيڪ قيمت وصول ڪري يا سرڪاري اگهه نامي جي ڀڃڪڙي ڪري ته فوري طور انتظاميه کي آگاهي ڏين، ته جيئن بروقت ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.
0 تبصرے