عمرڪوٽ آل سنڌ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب

تقريب ۾ ضلعي جي 4ئي تعلقن مان چونڊيل عهديدارن ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي استادن شرڪت ڪئي

عمرڪوٽ آل سنڌ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي نون عهديدارن جي حلف برداري تقريب

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ضلعي عمرڪوٽ ۾ آل سنڌ ٽيچرس ايسوسيئيشن جي چونڊيل ميمبرن جي حلف برداري تقريب شاندار نموني سان منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ ضلعي جي چئن ئي تعلقن مان چونڊيل عهديدارن ۽ گورنمينٽ پرائمري اسڪولن جي استادن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، تقريب دوران تعلقه عمرڪوٽ جي صدر مگھن مهر، جنرل سيڪريٽري حڪيم شاهه، پٿورو جي صدر شمس الدين آريسر، جنرل سيڪريٽري الله ڏنو راڄڙ، سٽي عمرڪوٽ جي صدر اسدالله منگريو ۽ جنرل سيڪريٽري خير محمد مهر سميت مختلف تعلقن جي صدرن ۽ ٻين عهديدارن پنهنجن عهدن جو حلف کنيو، ان موقعي تي چونڊيل عهديدارن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته هو ضلع عمرڪوٽ سميت سڄي سنڌ جي استادن جي حقن لاءِ مضبوط آواز بڻجي ڪم ڪندا، هنن وڌيڪَ چيو ته استادن جي ڀلائي، بهبود، پروموشن، سهولتن ۽ مسئلن جي حل لاءِ هر فورم تي جدوجهد جاري رکي ويندي، حلف برداري تقريب ۾ شرڪت ڪندڙ استادن نون عهديدارن تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي ته هو تنظيمي اتحاد کي وڌيڪَ مضبوط بڻائيندا ۽ تعليمي ميدان ۾ مثبت تبديليون آڻيندا، آخر ۾ مهمانن ۽ استادن پاران نون چونڊيل اڳواڻن کي مبارڪباد ڏني وئي ۽ مستقبل لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو.