مھورتي تقريب جي صدارت زراعت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد خان جروار ڪئي
حيدر آباد(پ ر)آزاد پبلشنگ ھائوس حيدر آباد پاران زراعت بابت ڪتاب “فصلن جي پيداوار وڌائڻ لاءِ جٽادار زراعت” جي مھورت حيدر آباد پريس ڪلب ۾ ٿي گزري، جنھن جي صدارت زراعت کاتي جي اڳوڻي ڊائريڪٽر محمد خان جروار ڪئي، جڏھن تھ ڪتاب جو مصنف ابرار احمد مجيداڻو ڊائريڪٽر ويٽ ڪراپ ھيڊڪوارٽر حيدر آباد مھمان خاص ھئا، انھي موقعي تي ابرار احمد مجيداڻو کي زراعت جي بھترين ليکڪ ۽ زرعي ماھر جو ايوارڊ پڻ ڏنو ويو، جٽادار زراعت ڪتاب زمين، ٻج، موسم ۽ آبھوا جي تبديلي ۽ پوکيءَ جو وقت، ڪيميائي ڀاڻ، پاڻي، گندگاھھ، جيتن جو تدارڪ، بيمارين تي ضابطو، نفعي بخش زراعت، ماڊل فارم ۽ ايگريڪلچر تي ٻڌل آھي، جنھن ۾ زراعت جي سمورن موضوعن تي تفصيل سان روشني وڌي وئي آھي، انھيءَ موقعي تي برک زرعي ماھر ڊاڪٽر حاجي اسلام الدين مجيداڻو، محمد خان جروار، ابصار مٺل جسڪاڻي ۽ زرعي توسيع جي آءِ سي ٽي ڊائريڪٽر منصور احمد ٻگھيو پڻ ڪتاب ۽ مصنف جي ڪاوش کي ساراھيو، ھي ڪتاب آبادگارن، شاگردن، زرعي ماھرن، زرعي توسيع ڪارن، ھارين ۽ نارين لاءِ نھايت ئي مفيد آھي، جنھن ۾ جٽادار زراعت جي بنيادن کي نھايت ئي آسان سنڌي ٻولي ۾ سمجھايو ويو آھي.
0 تبصرے