English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
اڳوڻي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي وڇوڙي کي سال مڪمل، سندس پهرين ورسي تقريب ۾ هزارين ماڻهو شريڪ، کيس ڀيٽا پيش
111 views
|
18th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ڀرسان اڳوڻي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر جي پھرين ورسي ملھائي وئي، مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحہ خواني ڪئي وئي، گل نڇاور ڪيا ويا. تقريب ۾ ايم اين ايز، ايم پي ايز، پارٽي اڳواڻن، ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.تفصيل موجب پ پ پ جي اڳوڻي ايم اين اي مرحوم نواب يوسف تالپور جي پهرين ورسي جي تقريب ڪنري ڀرسان سندس ڳوٺ مانجهاڪر ۾ ٿي، مرحوم جي ايصالِ ثواب لاءِ قرآن خواني ۽ فاتحہ خواني ڪئي وئي، گل نڇاور ڪيا ويا. تقريب ۾ ايم اين ايز پير آفتاب شاهه جيلاني، مھيش ملاڻي، پير امير علي شاھ جيلاني، مرحوم جي ڀائرن اڳوڻو ايم اين اي نواب غني ٽالپر، نواب زبير ٽالپر، نواب مظفر ٽالپر، فرزند ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر، ايم پي ايز شير محمد بلالاڻي، ارباب لطف الله، خانقاه گلزار خليل سامارو جي سجادا نشين پير محمد ايوب جان سرهندي، ضلع ڪائونسل عمرڪوٽ جو چيئرمين حاجي محمد بقا پلي، ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نويد الرحمان لاڙڪ، اڳوڻو تعلقه ناظم محمد ڄام ميمڻ،چئيرمين ايم سي عمرڪوٽ حاجي خالد سراج سومرو ،ضلع ڪائونسل ٿرپارڪر جو چيئرمين غلام حيدر سميجو،برهان دين ڪنڀار، گھنشام راٺوڙ،رميش ڪمار مالهي،بنسي مالهي، رسول بخش رحمداڻي، غلام محمد ڪنڀار، سجاد شيخ، راجا رامچند مالھي،گلزار سمون،۽ جي ڊي اي اڳواڻ خضر حيات منگريو سميت سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ شهرين هزارين جي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي مقررن مرحوم نواب يوسف ٽالپر جي عوامي خدمتن کي زبردست خراجِ تحسين پيش ڪندي چيو ته هن هميشه شرافت جي سياست ڪئي ۽ زرعي پاڻي سميت عوامي مسئلن بابت اسيمبلي فلور تي مضبوط آواز اٿاريو. هنن چيو ته نواب يوسف ٽالپر شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا ويجها ۽ پراڻا ساٿي هئا ۽ آخري دم تائين سندن مشن سان وفادار رهيا، مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر عوام جو سچو همدرد، غريبن جو دوست ۽ سنڌ جي مسئلن جو حقيقي ترجمان هو، هو قومي اسيمبلي ۾ خاص طور پاڻي، روزگار ۽ ترقياتي منصوبن بابت پنهنجي تڪ ۽ سنڌ جي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪندو رهيو. مرحوم ٿر ۽ عمرڪوٽ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ، ترقياتي منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هنن وڌيڪ چيو ته مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر هڪ بااصول، بهادر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو، هو ڪارڪنن جي عزت ڪندو هو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
02nd Apr 2026
•
شوبز
ماضی میں فلموں میں بولڈ کردار ادا کرنا آسان فیصلہ نہیں ہوتا تھا۔ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
لاڙڪاڻو: صحافي شان ڏهر جي قتل ڪيس جو جوابدار 12 سالن بعد گرفتار
02nd Apr 2026
•
شوبز
فلم کی شوٹنگ کے دوران بعض رومانوی اور بولڈ مناظر فلمانا جسمانی اور ذہنی طور پر مشکل تھا۔ ہالی ووڈ کی معروف اداکارہ
02nd Apr 2026
•
شوبز
عریاں اور رومانوی مناظر کی شوٹنگ مشکل تھی، اداکارہ ايملی کا اعتراف
02nd Apr 2026
•
شوبز
ہالی ووڈ اداکارہ کو سیکسی سین کی شوٹنگ کے دوران مشکلات کا سامنا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
اڳوڻي ايم اين اي نواب يوسف ٽالپر
0 تبصرے