English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سجاول ضلعي ۾ ڪارروائين دوران هٿ ڪيل منشيات ساڙي ضايع ڪئي وئي
224 views
|
17th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
عدالتي حڪم تي گهٽڪو، مين پڙيون، ڪچو شراب ۽ ٻي منشيات توڙي سامان ساڙيو ويو
عدالتي حڪم تي گهٽڪو، مين پڙيون، ڪچو شراب ۽ ٻي منشيات توڙي سامان ساڙيو ويو سجاول (رپورٽر) سجاول ضلعي پوليس پاران منشيات خلاف جاري مهم دوران مختلف ڪارروائين ۾ برآمد ڪيل وڏي مقدار ۾ منشيات عدالت جي حڪم تي تلف ڪري ڇڏي وئي۔ سيڪنڊ سول جج محمد بچل پھوڙ جي عدالت ۾ منشيات تلف ڪرڻ بابت حڪم جاري ڪيو ويو، جنهن تحت ضلعي پوليس برآمد ٿيل گھٽڪي جون سپاريون، ڪچو شراب، انڊين پڙيون ۽ منشيات ۾ استعمال ٿيندڙ ٻيو سامان ساڙي ختم ڪيو۔ منشيات تلف ڪرڻ جي عمل دوران ايس پي سجاول علينا راڄپر، عدالتي عملدارن ۽ پوليس آفيسرن جي موجودگي ۾ سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا۔ پوليس اختيارين موجب هزارين جي تعداد ۾ گھٽڪي ۽ ٻين منشيات جو مٽيريل ضابطي موجب ساڙي ناس ڪيو ويو ته جيئن ٻيهر مارڪيٽ ۾ نه اچي سگهي۔ ان موقعي تي ايس پي سجاول چيو ته منشيات خلاف ڪارروائيون بنا ڪنهن فرق جي جاري رهنديون ۽ نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ سخت قدم کنيا پيا وڃن۔ هن چيو ته عدالت جي نگراني ۾ منشيات تلف ڪرڻ سان شفافيت يقيني بڻائي وئي آهي۔ شهرين پاران پوليس جي هن قدم کي ساراهيو ويو ۽ اميد ظاهر ڪئي وئي ته ضلعي اندر منشيات فروش عناصر خلاف اهڙيون ڪارروائيون جاري رهنديون۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
09th Jun 2026
•
پاکستان
پاکستان میں تعلیم پر نظرِ نو'' کے نظرثانی شدہ ایڈیشن کی رونمائی تقریب، ڈاکٹر شاہد صدیقی کی شرکت
09th Jun 2026
•
سندھ
ڈی ایچ او حیدرآباد میں نمک کی آیوڈائزیشن اور غذائی اجزاء سے بھرپور خوراک کے فروغ سے متعلق آگاہی سیشن منعقد
09th Jun 2026
•
سندھ
معروف سماجی شخصیت و بزنس مین سید امتیاز الحق بخاری کی صدیق سنگھار کی رہائش گاہ پر آمد
09th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
صحافي فلڪ شير جي معصوم پٽ ۽ پوڙهي سس جي جبري گمشدگي وارو ڪيس، سنڌ هاءِ ڪورٽ حيدرآباد ۾ ٻڌڻي 21 جولاءِ تائين ملتوي
09th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
نوشھرو فيروز ضلعي جي تاريخ ۾ ايندڙ نواڻ ۾ سيد ابرار شاھ جو اھم ڪردار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
سجاول ضلعي ۾ ڪارروائين دوران
0 تبصرے