عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ، اڳوڻي وفاقي وزير ۽ قائد شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي وفادار ساٿي نواب محمد يوسف ٽالپر جي پهرين ورسي جي موقعي تي پريس ڪلب هال عمرڪوٽ ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، هي تقريب رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران منعقد ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي ايم آر ڊي تحريڪ جي جدوجهد ۾ نمايان ڪردار ادا ڪندڙ، پنهنجي خاندان سميت جيلون ڪاٽيندڙ نامور سياسي ۽ سماجي اڳواڻ رسول بخش رحيمداڻي چيو ته مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر عوام جو سچو همدرد، غريبن جو دوست ۽ سنڌ جي مسئلن جو حقيقي ترجمان هو، هو قومي اسيمبلي ۾ خاص طور پاڻي، روزگار ۽ ترقياتي منصوبن بابت پنهنجي تڪ ۽ سنڌ جي عوام جي ڀرپور نمائندگي ڪندو رهيو، هن چيو ته مرحوم ٿر ۽ عمرڪوٽ جي نوجوانن کي روزگار فراهم ڪرڻ، ترقياتي منصوبن ۽ بنيادي سهولتن جي بهتري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو ڏکين حالتن ۾ هميشه شهيد محترمه بينظير ڀٽو سان گڏ بيٺل رهيو ۽ پارٽي ڪارڪنن کي دل سان عزت ڏيندو هو، رسول بخش رحيمداڻي ٻڌايو ته مرحوم کي راندين سان خاص دلچسپي هئي ۽ هن ماروي گرائونڊ عمرڪوٽ ۾ آل پاڪستان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ جي انعقاد ۽ اسٽريٽ لائيٽن جي تنصيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو، هو رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي لاءِ سنڌ حڪومت کان فنڊ ۽ گرانٽون حاصل ڪرائڻ ۾ به هميشه اڳڀرو رهيو، هن وڌيڪَ چيو ته هو نه رڳو اهڙين يادگاري تقريبن جو اهتمام ڪندو رهندو آهي، پر ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن، صحافين ۽ معزز شخصيتن جون ورسيون ۽ تعزيتي تقريبون منعقد ڪري کين ڀيٽا پيش ڪندو آهي، جيئن نئين نسل کي پنهنجن هيروز سان روشناس ڪرايو وڃي، تقريب کي اسسٽنٽ گورنر روٽري زون 16 ڊسٽرڪٽ عمرڪوٽ سيد منآب علي شاهه، روٽري ڪلب امراڻو جي صدر محمد زمان کوسو، سردار دليپ ڪمار مالهي، راجا رامچند مالهي، واپاري ايسوسيئيشن اڳواڻ سيٺ دھرمداس نرڀاڻي ۽ ٻين مقررين خطاب ڪندي چيو ته مرحوم هڪ بااصول، بهادر ۽ عوام دوست اڳواڻ هو، هو ڪارڪنن جي عزت ڪندو هو، فون ڪال جو جواب ضرور ڏيندو هو ۽ ماڻهن جا مسئلا بروقت حل ڪندو هو، مقررين چيو ته جڏهن نواب محمد يوسف ٽالپر ايوان ۾ ڳالهائيندو هو ته سندس منطقي ۽ سچ تي ٻڌل تقريرن سان سڀ متاثر ٿيندا هئا، هو عمرڪوٽ ۽ سنڌ جو حقيقي محافظ هو، مقررين پنهنجي خطاب ۾ رسول بخش رحيمداڻي جي خدمتن کي ساراهيندي چيو ته هو نه رڳو مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر، پر ٻين سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ صحافين جون ورسيون ۽ يادگاري تقريبون منعقد ڪري کين ڀيٽا پيش ڪري ٿو، جيڪو ساراهه جوڳو عمل آهي هنن چيو ته اهڙيون تقريبون نئين نسل کي پنهنجن محسنن جي جدوجهد ۽ قربانين کان آگاهه ڪرڻ جو بهترين ذريعو آهن، ۽ رسول بخش رحيمداڻي هن روايت کي زنده رکيو ويٺو آهي، تقريب جي پڄاڻي تي تحريڪ بحالي جمهوريت ۾ قربانيون ڏيندڙن کي حسنِ جمهوريت نواب محمد يوسف ٽالپر ايوارڊ ڏنا ويا، مرحوم ڪريم داد خاصخيلي جو ايوارڊ سندس ڀائيٽي پرويز علي خاصخيلي کي، ڪامريڊ ڪرشن مالهي جو ايوارڊ سردار دليپ ڪمار مالهي کي، راجا رامچند مالھي کي، جڏهن ته روٽري ڪلب امراڻو کي گڏيل ايوارڊ سان نوازيو ويو، ان موقعي تي صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، سيٺ هرچند مهاراج، ڪامريڊ پيرومل، سيٺ چنديرام، ڪانجي مل رکيسر، ممتاز آريسر، سجاد علي شيخ، اشوڪ درڙا، وقاص يوسفزئي، قربان جنجهي، خاصخيلي نوجوانان اتحاد اڳواڻ عادل حسين رحيمداڻي، سوشل ميڊيا جو متحرڪ ڪردار سردار سيف الله خاصخيلي، پرويز علي خاصخيلي، فقير احسان علي خاصخيلي، ڪامريڊ احسان مولائي ۽ ٻيون معزز شخصيتون به موجود هيون، تقريب ۾ شرڪت ڪندڙن مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جي سياسي ۽ سماجي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته هو اڄ به عوام جي دلين ۾ زنده آهي ۽ سندس جدوجهد هميشه ياد رکي ويندي، اڄ بروز اربع مانجهاگر ڳوٺ ۾ مرحوم نواب محمد يوسف ٽالپر جي ورسي ملهائي ويندي، مرحوم جي قبر تي چادر چاڙهي ويندي ۽ قرآن خواني ۽ دعاءِ مغفرت ڪئي ويندي.
0 تبصرے