نوشھروفيروز (ڊ ر) نوشھروفيروز ۾ آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسئشن شھيد بينظير آباد ڊويزن جي عھديدارن جي گڏجاڻي DHo آفيس نوشھرو فيروز ۾ منعقد ڪيو ويو جنھن ۾ جونيئر وائيس پريزيڊنٽ عبدالرشيد عالماڻي ۽ ڊويزن جنرل سيڪريٽري آپڪا شھيد بينظير آباد روشن علي مري جي اعزاز ۾ ڪوٺائي وئي ان گڏجاڻي جي ميزباني مظھر حسين راڄپر صدر آل پاڪستان ڪلارڪ ايسوسيشن ڊسٽرڪٽ نوشھروفيروز هيلٿ ونگ ۽ جنرل سيڪريٽري نياز حسين عباسي پاران گڏجاڻي جو اهتمام ڪيو ويو گڏجاڻي دوران ڊي ايڇ او ڊاڪٽر غلام قادر چانڊيو، اي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر مختيار ميمڻ، ڊاڪٽر حاڪم جوکيو، ڊاڪٽر ستار، ڊاڪٽر عبدالفتاح راڄپر، رفيق احمد سولنگي ، ڊاڪٽر وجي ڪمار سميت ضلعي جي مختلف ملازمين ڀرپور نموني شرڪت ڪري پروگرام کي ڪامياب ڪيو شرڪت کي يقيني بنايو گڏجاڻي دوران ڪلارڪن جي مسئلن، هيلٿ کاتي کي درپيش چيئلنج ۽ ملازمن جي حقن بابت تفصيلي خيالن جو اظهار ڪيو ويو جڏهن ته اڳواڻن گڏيل جدوجهد ذريعي مسئلن جي حل لاءِ هر ممڪن ڪوشش جاري رکڻ جو وچن ڪيو پروگرام جي آخر ۾ سڀني آيل مھمانن کي ماني کارائي وئي .
0 تبصرے