ڊي سي سرمد علي ڀاڳت، ڊائريڪٽر سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن آغا فخر حسين ۽ ٻيا شريڪ
ٺٽو(شفيق ڀٽي)وزيراعليٰ سنڌ جي انساني حقن واري کاتي جي خاص مددگار راج وير سنگهه سوڍا جي صدارت هيٺ ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ حڪومتي قدمن کي وڌيڪ اثرائتو بڻائڻ بابت درٻار هال مڪلي ۾ هڪ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيو۔ اجلاس ۾ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت، ڊائريڪٽر سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن آغا فخر حسين، جوڊيشل ميمبرن، مختلف ضلعي ڪميٽين جي عهدديدارن، تعليم، صحت، پوليس، سوشل ويلفيئر، وومين ڊولپمينٽ سميت ٻين کاتن جي آفيسرن ۽ اين جي اوز جي نمائندن شرڪت ڪئي۔ اجلاس ۾ گهٽ عمر جي شادي، ٻارن کان جبري محنت (چائلڊ ليبر)، ٻارن جي حقن بابت آگاهي، گهريلو تشدد، صاف پاڻي جي فراهمي، تعليم ۽ صحت سميت ٻين درپيش مسئلن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي۔ ان موقعي تي خاص مددگار راج وير سنگهه سوڍا هدايت ڪئي ته غير مسلم شهرين کي سول سوسائٽي ۽ ضلعي ڪميٽين ۾ مؤثر نمائندگي ڏني وڃي ته جيئن انهن جا مسئلا سڌي ريت ٻڌي حل ڪيا وڃن۔ هن عورتن جي شموليت کي به لازمي قرار ڏيندي چيو ته پائيدار ترقي ۽ انساني حقن جي فروغ لاءِ عورتن جو فيصلي سازي واري عمل ۾ شامل ٿيڻ انتهائي ضروري آهي - هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ وزيراعليٰ سنڌ جي هدايتن موجب عوامي مسئلا سندن در تي حل ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي ۽ پرائم منسٽر ايڪشن پروگرام تحت عوام سان رابطن کي وڌيڪ مضبوط بڻايو پيو وڃي۔ ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت اجلاس کي خطاب ڪندي ٻڌايو ته ضلعي ۾ جاري ونڊ پاور منصوبن تحت مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ عملي قدم کنيا پيا وڃن۔ هن يقين ڏياريو ته ضلعي انتظاميا سڀني کاتن جي سهڪار سان انساني حقن جي تحفظ کي يقيني بڻائيندي - ڊائريڪٽر سنڌ هيومن رائٽس ڪميشن آغا فخر حسين به اداري جي جاري سرگرمين ۽ مستقبل جي لائحه عمل بابت روشني وڌي۔ بعد ۾ وزير اعليٰ سنڌ جي خاص مددگار ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ٺٽو مشتري خانم سان ملاقات ڪئي ۽ بار جي وڪيلن سان به انساني حقن بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي۔ هن ڊسٽرڪٽ جيل ۽ سيف هائوس جو به دورو ڪيو، جتي قيدين کي مهيا ڪيل سهولتن ۽ اصلاحي قدمن جو جائزو ورتو ويو۔ ان کان پوءِ وزيراعليٰ سنڌ جي خاص مددگار راج وير سنگهه سوڍا جيمخانه مڪلي ۾ پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته اجلاس دوران پيئڻ جي صاف پاڻي، ونڊ مل ڪوريڊور تحت مقامي ماڻهن کي روزگار ۽ بنيادي سهولتون، صحت جي شعبي ۾ ڊاڪٽرن ۽ طبي سامان جي کوٽ، تعليمي مسئلا خاص طور تي سيڪنڊري سطح جي غير فعال ڇوڪرين جي اسڪولن کي فعال بڻائڻ، بائونڊري وال ۽ ٽوائلٽس سميت بنيادي سهولتن جي فراهمي تي زور ڏنو ويو آهي۔ ان کان سواءِ موسمياتي تبديلي جي اثرن ۽ انساني بنيادي حقن سان لاڳاپيل معاملن تي به ضلعي انتظاميا سان مشاورت ڪئي وئي آهي۔ هن ضلعي ٺٽي ۾ انساني حقن جي تحفظ ۽ عوامي مسئلن جي حل لاءِ هر مهيني باقاعده اجلاس منعقد ڪرڻ ۽ مستحق ماڻهن کي ليگل ايڊ فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو۔ ان کان اڳ ڊي سي آفيس جي احاطي ۾ وڻ لڳائي شجرڪاري مهم جي شروعات پڻ ڪئي وئي۔
0 تبصرے