صحت جي شعبي ۾ بهتري قومي ذميواري آهي: ڪموڊور عمران

سجاول شھر ۾ شائن هيومينيٽي ۽ عزيز و رضيه ڌرمسي فيملي فائونڊيشن ڀرپور جديد ڪلينڪ جو افتتاح

صحت جي شعبي ۾ بهتري قومي ذميواري آهي: ڪموڊور عمران

ڪراچي(رپورٽر)فلاح ۽ بھبود جي شعبي سان لاڳاپيل شائن هيومينيٽي ۽ عزيز و رضيه ڌرمسي فيملي فائونڊيشن جي گڏيل سهڪار سان سجاول شھر ۾ طبي سهولتن سان ڀرپور جديد ڪلينڪ جي افتتاحي تقريب منعقد ڪئي وئي. تقريب کي پاڪستان نيوي جي ڪموڊور عمران، شائن هيومينيٽي جي چيئرمين قلب عباس ۽ سي اي او فهيم خان سميت ٻين خطاب ڪيو، اھڙي موقعي تي علائقي جي معزز شخصيتن، ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر ۾ وڏي انگ ۾ شھرين شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي پاڪستان نيوي جي ڪموڊور عمران شائن ھيومنٽي جي ڪميونٽي ھيلٿ لاءِ ڪيل ڪوششن ۽ خدمتن کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان نيوي به نه رڳو ملڪي دفاع پر عوام جي فلاح و بهبود لاءِ به ڀرپور ڪردار ادا ڪري رهي آهي. ان سلسلي ۾ ھر قسم جو تعاون جاري رهندو ، ھن چيو ته مختلف علائقن ۾ ميڊيڪل ڪيمپن جو انعقاد عوامي خدمت جي جذبي تحت ڪيو ويندو آهي ته جيئن ڏورانهن ۽ پٺتي پيل علائقن جي ماڻهن کي بنيادي صحت جون سهولتون مهيا ٿي سگهن. هن وڌيڪ چيو ته صحت جي شعبي ۾ بهتري قومي ذميواري آهي ۽ پاڪستان نيوي عوامي فلاح جي هر منصوبي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪندي رهندي. هن اهو پڻ چيو ته پاڪستان نيوي شائن هيومينيٽي سان گڏجي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۾ هر سطح تي تعاون ۽ گڏيل ڪم لاءِ تيار آهي ته جيئن وڌ کان وڌ ماڻهن تائين صحت جون سهولتون پهچائي سگهجن. ان موقعي تي شائن هيومينيٽي جي چيئرمين قلب عباس ڳالھائيندي چيو ته شائن هيومينيٽي جو مشن پٺتي پيل طبقن تائين معياري صحت جون سهولتون پهچائڻ آهي. هن چيو ته عزيز و رضيه ڌرمسي فيملي فائونڊيشن جي سهڪار سان سجاول ۾ ڪلينڪ جو قيام علائقي جي ماڻهن لاءِ وڏي سهولت سان گڏوگڏ ھڪ نعمت آهي، جيڪو بنيادي علاج، ماءُ ۽ ٻار جي صحت ۽ طبي امداد جي فراهمي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي. قلب عباس چيو ته شائن هيومينيٽي جو مقصد صرف علاج فراهم ڪرڻ نه پر اهڙو صحت جو نظام قائم ڪرڻ آهي جيڪو باوقار، مؤثر ۽ عوام دوست هجي.شائن هيومينيٽي جي سي اي او فهيم خان تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته ھن طبي اداري جو آغاز 2019ع ۾ رڳو هڪ ڪلينڪ سان ٿيو هو ۽ اڄ اهو سفر ترقي ڪندي 19 ڪلينڪن تائين پهچي چڪو آهي، جن مان 18 سنڌ جي مختلف ضلعن بشمول نوشهروفيروز، سجاول ۽ ٿر ۾ قائم آهن، جڏهن ته هڪ ڪلينڪ مانسهره، خيبر پختونخواهه ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهي آهي. هن ٻڌايو ته جتي به ڪنهن علائقي ۾ صحت جي شديد ضرورت محسوس ٿئي ٿي، اتي پهريان ٽي ڏينهن جو مفت ميڊيڪل ڪيمپ لڳايو ويندو آهي، ان کان پوءِ علائقي جو تفصيلي سروي ڪيو ويندو آهي ۽ مقامي صلاح مشوري کان پوءِ مستقل ڪلينڪ قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويندو آهي.فهيم خان سجاول جي صورتحال تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو ته هن وقت ضلعي سجاول ۾ 74 سيڪڙو عورتون ۽ ٻار غذائي کوٽ جو شڪار آهن، جيڪو هڪ سنگين انساني الميو آهي. هن چيو ته هيءَ نئين ڪلينڪ نه رڳو بنيادي طبي سهولتون فراهم ڪندو پر ماءُ ۽ ٻار جي صحت جي تحفظ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو.ان کان اڳ ڪراچيءَ کان آيل ميڊيا جي پنج رڪني وفد سميت مهمانن ڪلينڪ جو باضابطه افتتاح ڪيو ۽ مختلف شعبا گھمي ڏٺا ۽ ان عزم جو اظهار ڪيو ويو ته عوامي فلاح و بهبود لاءِ اهڙا منصوبا مستقبل ۾ به جاري رکيا ويندا.