English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رزاق آباد ۾ پاڻي بجلي گئس ۽ ٻين سهولتن جي اڻهوند خلاف رهواسي سراپا احتجاج
218 views
|
16th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي علائقي رزاق آباد ۾ گذريل هڪ هفتي کان بجلي، پاڻي ۽ گيس جي فراهمي مڪمل طور بند هجڻ خلاف رهواسين جو احتجاج شدت اختيار ڪري ويو آهي. ڳوٺاڻن ڪامريڊ وھاب گبول، نبي بخش شيخ، غلام رسول گبول، محمد شاهه، نياز شاهه ۽ ٻين عوامي پريس ڪلب ملير آڏو ڌرڻو هڻي لاڳاپيل ادارن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.مظاهرين جو چوڻ هو ته هڪ هفتي کان علائقو اونداهي ۾ ٻڏل آهي ۽ ڪي اليڪٽرڪ ٽيڪنيڪل فالٽ جو جواز ڄاڻائي مسئلو حل ڪرڻ بدران وقت گذاري رهي آهي. هنن چيو ته پاڻي جي کوٽ سبب گهرن توڙي مسجدن ۾ پيئڻ ۽ وضو لاءِ به پاڻي موجود ناهي، جڏهن ته گيس جي بندش سبب روزمره زندگي مفلوج ٿي وئي آهي.رهواسين الزام هنيو ته گيس انتظاميا ڀرپاسي ۾ غيرقانوني ڪنيڪشن لڳائڻ سبب پريشر گهٽجي ويو آهي، جنهن ڪري باقاعدي بل ادا ڪندڙ صارفين سخت اذيت کي منهن ڏئي رهيا آهن، جڏهن ته قومي خزاني کي پڻ ڪروڙين رپين جو نقصان پهچي رهيو آهي. سندن چوڻ هو ته بار بار شڪايتن باوجود لاڳاپيل ادارا ٽس کان مس ناهن ٿيا ۽ رهواسين کي ڄاڻي واڻي تڪليف ۾ رکيو پيو وڃي.احتجاج ڪندڙن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر بجلي، پاڻي ۽ گيس جي فراهمي بحال نه ڪئي وئي ته احتجاج جو دائرو وڌائي مين قومي شاهراه بند ڪئي ويندي، جنهن جي مڪمل ذميواري انتظاميا تي عائد ٿيندي. هنن چيو ته بنيادي انساني حقن کان محروم رکڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير
رزاق آباد ۾ پاڻي بجلي گئس ۽ ٻين سهولتن جي
0 تبصرے