ملير واسي نوجوان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ورتو، وٽرنري آفيسر ريسرچ بي پي ايس 17 جي پوسٽ تي مقرر

ڊاڪٽر منيب الرحمان گبول کي وٽرنري آفيسر ريسرچ بي پي ايس 17 جي پوسٽ تي مقرر ڪيو ويو

ملير واسي نوجوان ڪميشن جو امتحان پاس ڪري ورتو،  وٽرنري آفيسر ريسرچ بي پي ايس 17 جي پوسٽ تي مقرر

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) رزاق آباد واسي نوجوان ڊاڪٽر منيب الرحمان گبول سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جي امتحان ۾ ڪاميابي حاصل ڪري لائيو اسٽاڪ کاتي سنڌ ۾ وينٽنري آفيسر ريسرچ (BPS-17) جي پوسٽ تي مقرر ٿي ويو آھي امتحاني نتيجا اچڻ کان پوءِ نوجوان جي گھر ۽ علائقي ۾ خوشي جو سماع آھي ڊاڪٽر منيب الرحمان گبول ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو منهنجو تعلق پورهيت گهراڻي سان آهي وڏي محنت، جاکوڙ ۽ والدين جي دعائن سان مان هي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي هي صرف منهنجي ڪاميابي نه، پر علائقي جي نوجوانن لاءِ پڻ هڪ روشن مثال آهي ھن چيو تہ منھنجي ڪاميابي ثابت ڪيو آھي تہ اگر ڪراچي جي ٻھراڙين جي نوجوانن کي مناسب سهولتون ۽ موقع فراهم ڪيا وڃن ته ھو ڪنھن به ميدان ۾ پنھنجي قابليت مڃرائي سگھن ٿا ڊاڪٽر منيب جو وڌيڪ چوڻ ھو ته سندس مقصد رڳو ذاتي ڪيريئر تائين محدود نه آهي، پر لائيو اسٽاڪ کاتي جي ڪم کي مؤثر بڻائڻ ۽ سماجي خدمت ذريعي عوامي ڀلائي کي يقيني بڻائڻ به آهي علائقي واسين ڊاڪٽر منيب الرحمان کي سندن محنت ۽ ڪاميابي تي داد ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي پوري علائقي لاءِ فخر جو باعث ۽ ٻين نوجوانن لاءِ مثال آھي منيب الرحمان جي ڪاميابي علائقي ۾ علم ۽ محنت جي اهميت کي اجاگر ڪندي، نوجوانن لاءِ حوصلہ افزائي جو سبب بڻجندي