پ پ پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي تي ئي عوامي نمائندا منتخب ٿيندا: سيد فھد علي شاھ جيلاني
ھڱورجا(رپورٽر)پيپلزپارٽيء جي اڳواڻ وائس چيئرمين ضلع ڪائونسل خيرپور سيد فھد علي شاھ جيلاني ھنگورجا سٽيء جي مختلف ھنڌن تي تعزيتون ۽ ملاقاتون ڪيون. ان موقعي تي سيد فھد علي شاھ جيلاني ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تـ جديد دور ھلي رھيو آھي پارٽي منشور ۽ ڪارڪردگي تي ئي عوامي نمائندا منتخب ٿيندا پيپلز پارٽي جي قيادت خود عوام سان رابطي ۾ آھي ھر ڪارڪن ورڪر توڙي عام شھري ڳوٺاڻي وٽ ھر ڏک سک ۾ پھچي رھيا آھيون سيد فھد علي شاھ جيلابي ميمڻ محلا ۾ ڊاڪٽر حنيف سومرو سان سندس ڀاء رٽائر ايگريڪلچر آفيسر ايم اسماعيل سومرو جي تعزيت ڪئي ۽ ھنڱورجا جي وائيس چيئرمين ٽائون ڪاميٽي تسليم ميمڻ سان سندس چاچي محمد اسماعيل ميمڻ جي تعزيت پڻ ڪئي آھي ان موقعي تي حسن علي مڱڻيجو. گلزار احمد سھتو. وڏيرو احمد بخش مڱڻيجو،ڪائونسلر عبدالعزيز ميمڻ. وڏيرو غلام عباس راجپر ۽ ٻيا ساڻس گڏ ھيا
0 تبصرے