ملير: ڀينس ڪالوني ۾ نامياري سگهڙ ۽ شاعر علي بخش مهراڻي جي 21 هين ورسي ملهائي وئي

ورسي تقريب ۾ شاعرن سگھڙن، سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي

ملير: ڀينس ڪالوني ۾ نامياري سگهڙ ۽ شاعر علي بخش مهراڻي جي 21 هين ورسي ملهائي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ڀينس ڪالوني ۾ نامياري سگهڙ ۽ شاعر علي بخش مهراڻي جي 21 هين ورسي جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، لوڪ ڏاهپ وسيلي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، شاعرن سگھڙن، سياسي سماجي اڳواڻن سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي، علي بخش مهراڻي سچ، سونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو، هن ڌرتيءَ جي اهنجن تي ڀرپور لکي تاريخ رقم ڪئي آهي احمد علي چانڊيو، سڪندر علي مهراڻي ۽ ٻين جو خطاب تفصيل موجب ملير ۾ يوسف عارفاڻي ڳوٺ ڀينس ڪالوني ۾ سنڌي ٻوليءَ جي نامياري شاعر ۽ سگهڙ علي بخش مهراڻي جي 21 هين ورسي جو شاندار پروگرام منعقد ڪيو ويو، لوڪ ڏاهپ وسيلي کيس ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي نامياري سگهڙ احمد علي چانڊيو، علي بخش مهراڻي جي صالح فرزند سڪندر علي مهراڻي خطاب ڪندي چيو ته علي بخش مهراڻي سچ، سونهن ۽ سنڌ جو شاعر هو، سندس شاعري ۽ لوڪ ڏاهپ جا گفتا اڄ به سچ ۽ سونهن جو طواف ڪندي نظر اچن ٿا، هن ڌرتي ۽ مارو ماڻهن جي اهنجن تي ڀرپور لکي تاريخ رقم ڪئي آهي، علي بخش مهراڻي ريڊيو، ٽي وي، ڪانفرنسن توڙي نجي پروگرامن ۾ پنهنجي شاعري ۽ انداز بيان سبب الڳ سڃاڻپ ٺاهي ۽ وڏو نالو ڪمايو، وڏي ستم ظريفي آهي جو سندس بياض ڪٿي ڇپجي نه سگهيو آهي، هاڻي سندس شاعري ۽ لوڪ شاعري جو ڪتاب مارڪيٽ ۾ اچڻ گهرجي، پروگرام ۾ ناميارن سگھڙن فقير علي نواز لنجواڻي، ديدار ڀٽي، منظور سومرو، علم الدين شر، ايڊوڪيٽ مقصود شر لوڪ ادب جون لاتيون ٻڌائي محفل کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا، جڏهن ته پروگرام ۾ اختيار ناريجو، نذير راڄپر، شاڪر اعواڻ، تسلیم اعواڻ، جميل اڄڻ ،الطاف خاصخيلي سميت علائقي واسين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.