اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران مختلف سائنسي ماڊل ٺاھي اسٽال. تي رکيا ويا
ھڱورجا(رپورٽر)ايورگرين پبلڪ ھاء اسڪول ھنڱورجا ھڪ ڏينھن جو سائنسي ميلو لڳايو جنھن م اسڪول جي شاگردن توڙي شاگردياڻين پاران مختلف سائنسي ماڊل ٺاھي اسٽال. تي رکيا ويا جيڪي ڏسندڙن جو مرڪز رھيا سائنسي ميلي م پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي اڳواڻ سيد محرم علي شاھ لڪياري ڊگري ڪاليج ھنڱورجا جي پرنسيپال پروفيسر نورالدين شيخ. پروفيسر امداد سومرو صحافي اتحاد خيرپور جي چيئرمين غلام حسين چانگ شمن راڄپر.عبدالجبار چانگ سميت مختلف اسڪولن جي استادن ۽ شاگردن تعليمي ميلي جي سائنسي اسٽالن جي وزٽ ڪري اسڪول جي ايڊمنسٽريٽر غلام جعفر ٽانوري ء ان جي استادن توڙي اسڪولي شاگردن ڪيل محنت کي ساراھيو ۽ چيو ت تعليم ئي انسان کي زمين کان آسمان تائين پھچائي ٿي تعليم جي ذريعي ئي ملڪ ۽ قوم ترقي ڪري سگھي ٿي اھڙا تعليمي ميلا سرڪاري سطح اسڪولن لڳائڻ گھرجن
0 تبصرے