اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ سنڌ ۾ ڪاميابي سان منعقد

ٽيسٽ ۾ سنڌ مان 9,000 کان وڌيڪ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي

اسڪالرشپ انٽري ٽيسٽ سنڌ ۾ ڪاميابي سان منعقد

اسلام آباد(م ڊ) ڊاڪٽر اي. ڪيو. خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج، ابراهيم ڪيمپس اسلام آباد جي اهتمام هيٺ اسڪالرشپ پروگرام جو انٽري ٽيسٽ سنڌ جي 10 مختلف مرڪزن تي ڪاميابي سان منعقد ڪئي وئي هي تحريري ٽيسٽ سنڌ ٽيسٽنگ سروس پاران منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ سڄي سنڌ مان 9,000 کان وڌيڪ شاگردن ڀرپور شرڪت ڪئي. هي شرڪت شاگردن جي اعتماد ۽ اداري جي ساک جو واضح ثبوت آهي. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر زاهد محمود جو چوڻ هو ته سنڌ پوليس پاران بهترين سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا، جڏهن ته سنڌ ٽيسٽنگ سروس انتهائي شفاف ۽ منظم نموني سان امتحان جي انعقاد کي يقيني بڻايو.ان موقعي تي اداري جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر، زاهد محمود مغل، خاص طور اسلام آباد کان ڪراچي آيا ۽ مختلف امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو، جن ۾ ڪراچي، حيدرآباد،ميرپورخاص،عمرڪوٽ ۽ ٻيا شامل آهن اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪالرشپ زاهد محمود دوري دوران هن شاگردن ۽ سندن والدين سان ملاقات ڪئي ۽ اسڪالرشپ پروگرام ۾ گهري دلچسپي وٺڻ تي انهن جو شڪريو ادا ڪيو. هن بهترين انتظامن تي ڊاڪٽر اي. ڪيو. خان اسڪول سسٽم اينڊ ڪاليج، سنڌ پوليس ۽ سنڌ ٽيسٽنگ سروس جي ڪوششن کي ساراهيو.اسسٽنٽ ڊائريڪٽر اسڪالرشپ زاهد محمود جو چوڻ آهي ته دعا آهي ته هي اسڪالرشپ پروگرام سنڌ جي هوشيار ۽ مستحق شاگردن جي روشن مستقبل جي بنياد ثابت ٿئي.