سنڌ جي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي ڪنهن به قبضي کي قبول نه ڪنداسين: رياض چانڊيو

شاھ حسن ٻيٽ سميت سامونڊي وسيلن تي سنڌ جي ماڻهن جو حق آهي جنهن کي نظرانداز نه ڪرڻ گهرجي

سنڌ جي سمنڊ ۽ ٻيٽن تي ڪنهن به قبضي کي قبول نه ڪنداسين: رياض چانڊيو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) جيئي سنڌ محاذ جي مرڪزي چيئرمين رياض علي چانڊيو عوامي پريس ڪلب ملير ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته سنڌ جو سمنڊ، ساحلي پٽي ۽ ٻيٽ، خاص ڪري شاھ حسن ٻيٽ سميت سمورا سامونڊي وسيلا سنڌ جي ماڻهن جي گڏيل ملڪيت آهن، جن تي قبضو يا والار ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.هن چيو ته سنڌ جي ٻيٽن تي رهندڙ مقامي آبادي جو آئيني، قانوني ۽ تاريخي حق آهي، جنهن کي نظرانداز ڪرڻ يا طاقت جي زور تي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ناقابلِ قبول هوندي. رياض علي چانڊيو واضع ڪيو ته سامونڊي وسيلن بابت ڪنهن به منصوبي يا فيصلي کان اڳ سنڌ جي ماڻهن کي اعتماد ۾ وٺڻ ضروري آهي، ٻي صورت ۾ سخت ردِعمل سامهون اچي سگهي ٿو.چيئرمين جيئي سنڌ محاذ وڌيڪ چيو ته سنڌ جو سمنڊ رڳو قدرتي حسن يا سياحت جو ذريعو ناهي، پر اهو لکين ماڻهن جي روزگار، معيشت ۽ سڃاڻپ سان ڳنڍيل آهي. هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌ جي وسيلن تي قبضي يا غير قانوني الاٽمينٽ جي ڪوشش ڪئي وئي ته جمهوري ۽ سياسي طريقي سان ڀرپور مزاحمت ڪئي ويندي.هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سامونڊي علائقن، ٻيٽن ۽ ساحلي پٽي بابت هر قسم جي پاليسي جو اعلان ڪرڻ کان اڳ صوبائي خودمختياري، مقامي آبادي جي حقن ۽ ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي. هن چيو ته سنڌ جي ماڻهن کي پنهنجي وسيلن تان بي دخل ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.ان موقعي تي سيد خدا ڏنو شاه، جيئي سنڌ محاذ جا مرڪزي سي سي ميمبر ابرار مورائي، ڪراچي ڊويزنل آرگنائيزر ضمير حاجاڻو، ضلعي ملير اڳواڻ فيض حسين هيسبائي، ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا،اڳواڻ پريس ڪانفرنس وسيلي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن کي اپيل ڪئي ته سنڌ جي سامونڊي حدن ۽ وسيلن بابت ڪنهن به فيصلي ۾ شفافيت اختيار ڪئي وڃي ۽ مقامي ماڻهن جي مرضي کان سواءِ ڪو به قدم نه کنيو وڃي.