ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جون چونڊون مڪمل

نئين قيادت چونڊجي وئي اظهر آرائين پنجون ڀيرو صدر منتخب

ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جون چونڊون مڪمل

عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن عمرڪوٽ جون سال 2026 لاءِ سالياني چونڊون ڪاميابي سان مڪمل ٿي ويون، چونڊ عمل پرامن ۽ منظم نموني سان مڪمل ٿيو، جنهن ۾ وڪيل برادري وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري پنهنجي جمهوري حق جو استعمال ڪيو، نتيجن موجب محمد اظهر آرائين 65 ووٽ حاصل ڪري صدر چونڊجي ويو، جڏهن ته سندس مقابلي ۾ ذوالفقار علي گجو 34 ووٽ حاصل ڪيا، وائيس صدر جي عهدي تي خميسو خان چوهاڻ 63 ووٽن سان ڪاميابي ماڻي، جنرل سيڪريٽري طور محمد يوسف منگريو 53 ووٽن سان چونڊجي آيو، جڏهن ته جوائنٽ سيڪريٽري جي عهدي تي محمد اسلم نفيس 62 ووٽن سان ڪامياب ٿيو، ساڳئي ريت لائبريري سيڪريٽري طور شير چند اوڏ 59 ووٽن سان ڪامياب قرار ڏنو ويو، جڏهن ته خزانچي جي عهدي تي اعجاز علي هاليپوٽو 64 ووٽن سان ڪاميابي حاصل ڪئي، مينيجنگ ڪاميٽي جي چونڊ ۾ پڻ مختلف اميدوار ڪامياب ٿيا، جن ۾ آسن ڀيل، علي نواز جکرو، اياز علي جوکيو، غلام رسول سومرو، هيرا لال اوڏ، اوم پرڪاش ڪرماڻي ۽ سجاد علي قمبراڻي شامل آهن، جڏهن ته ٻين اميدوارن به نمايان ووٽ حاصل ڪيا، چونڊ نتيجن جي سرڪاري تصديق ريٽرننگ آفيسر ممتاز علي جروار ڪئي، جڏهن ته پولنگ آفيسرن چونڊ عمل جي نگراني ڪئي، نتيجن جي اعلان کان پوءِ بار روم ۾ خوشي جي لهر ڇانئجي وئي ۽ وڪيلن هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏنيون، وڪيل برادري جو چوڻ آهي ته نئين چونڊيل قيادت کان اميد آهي ته هو وڪيلن جي مسئلن جي حل، عدالتي نظام جي بهتري ۽ بار جي وقار کي وڌيڪَ مضبوط بڻائڻ لاءِ اثرائتو ڪردار ادا ڪندي، مقامي وڪيلن موجب اهي چونڊون جمهوريت، اتحاد ۽ تنظيم جو بهترين مثال آهن، ۽ نئين ٽيم کان بهتر ڪارڪردگي جون وڏيون اميدون وابسته ڪيون پيون وڃن.