حلف برداري تقريب مڪلي ۾ شهيدِ سنڌ دولهه دريا خان جي مزار تي منعقد ڪئي وئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جي نون چونڊيل عهديدارن جي حلف برداري تقريب تاريخي ماڳ مڪلي ۾ شهيدِ سنڌ دوله دريا خان جي آخري آرام گاه تي منعقد ڪئي وئي۔ تقريب ۾ پريس ڪلب جي ميمبرن سان گڏ ٺٽي جي صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ صحافتي يڪجهتي جو ڀرپور اظهار ڪيو ان موقعي نامياري سماج سڌارڪ صادق لاکو نون چونڊيل عهديدارن کان حلف ورتو جڏهن ته صحافين دوله دريا خان جي مزار تي گلن جي چادر چاڙهي کيس سلامي پيش ڪئي۔ فنڪار خدا ڏنو ٺاراڻي قومي گيت پيش ڪري شاهه عبداللطيف ڀٽائي جي وائي جهونگاري تقريب کي روحاني ۽ قومي رنگ ڏنو۔حلف برداري تقريب کي خطاب ڪندي سماجي سڌارڪ صادق لاکو چيو ته عوامي پريس ڪلب پاران سنڌ جي قومي هيروز جي مزارن تي پهچي حلف برداري ڪرڻ صحافت جي دنيا ۾ هڪ نئين ۽ مثبت روايت آهي، جيڪا قابلِ تحسين آهي۔ هن چيو ته اهڙا قدم نوجوان صحافين ۾ تاريخي شعور ۽ قومي سڃاڻپ کي هٿي ڏين ٿا۔ عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاهه پنهنجي خطاب ۾ چيو ته اسان شهيدِ سنڌ دوله دريا خان جي مزار تي بيهي اهو عزم ڪريون ٿا ته صحافت کي ايمانداري، بيباڪي ۽ سچائي سان اڳتي وڌائينداسين۔ ڪنهن به قسم جي دٻاءَ، لالچ يا ڌمڪين کي قبول نه ڪنداسين ۽ هميشه مظلومن جي آواز بڻجنداسين۔ هن وڌيڪ چيو ته عوامي پريس ڪلب ملير صحافين جي حقن جي تحفظ، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ علائقي جي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪردار ادا ڪندو۔نيشنل پريس ڪلب ٺٽو جي صدر محبوب بروهي چيو ته صحافتي برادري بنيادي طور غيرجانبدار هوندي آهي، پر سنڌ جي وجود ۽ ڌارين جي يلغار واري معاملي تي اسان سنڌ جي ڌر آهيون۔ هن چيو ته مڪلي جي قبرستان ۾ موجود تاريخي ڪردارن ۽ قومي هيروز جي مزارن ڏانهن سرڪاري بي ڌياني افسوسناڪ آهي، جڏهن ته حملي آورن جي مزارن تي سرڪاري سطح تي تقريبون منعقد ڪيون وڃن ٿيون ۽ اسان جي هيروز جون قبرون خستہ حالي جو شڪار آهن۔ تقريب جي پڄاڻي تي سنڌ جي سلامتي، شهيدن کي خراجِ عقيدت ۽ صحافتي برادري جي اتحاد لاءِ نيڪ تمنائن جو اظهار ڪيو ويو۔ تقريب قومي شعور، تاريخي سڃاڻپ ۽ صحافتي ذميواري جي احساس سان ڀرپور رهي۔
0 تبصرے