گلشنِ حديد ۾ فرسٽ وومين ايجوڪيشن ڪانفرنس، عورتن جي تعليم ۽ بنيادي مسئلن جي حل تي زور

گلشنِ حديد ۾ فرسٽ وومين ايجوڪيشن ڪانفرنس، عورتن جي تعليم ۽ بنيادي مسئلن جي حل تي زور

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سماجي تنظيم سنڌ سماجي سٿ طرفان گلشنِ حدید جي اسڪول دي اچيورز۾ فرسٽ وومين ايجوڪيشن ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ شاگردياڻين، استادن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن سميت معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪانفرنس جو مقصد عورتن ۽ نينگرين کي تعليم ۾ درپيش مسئلن، رڪاوٽن ۽ انهن جي حل لاءِ گڏيل حڪمتِ عملي تيار ڪرڻ هو۔تقريب ۾ يوسي وائس چيئرمين مير عباس، سنڌ سماجي سٿ جي چيئرمين غلام نبي مگسي، صحافي سامي ميمن ۽ ٻين اهم شخصيتن شرڪت ڪري خطاب ڪيو۔يوسي وائس چيئرمين مير عباس ٽالپر چيو ته ڪنهن به معاشري جي ترقي عورتن جي تعليم کانسواءِ ممڪن ناهي۔ جيڪڏهن اسان پنهنجي ڌيئرن کي تعليم سان سينگارينداسين ته خاندان ۽ سماج ٻنهي کي فائدو ٿيندو۔ هن بلدياتي سطح تي بنيادي مسئلن جي حل ۽ تعليم جي واڌاري لاءِ سنجيده قدم کڻڻ جو عزم ظاهر ڪيو۔ چيئرمين غلام نبي مگسي چيو ته گلشنِ حدید ۽ ضلعي ملير جي ڪيترن ئي علائقن ۾ نينگرين کي اسڪول تائين پهچ، سفري سهولتن ۽ تعليمي ادارن جي کوٽ جهڙن مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو۔ تعليم هر ٻار ۽ هر نياڻي جو بنيادي حق آهي، جنهن لاءِ گڏيل جدوجهد ضروري آهي۔ هن پاڻي جي فراهمي ۽ ٻين بنيادي مسئلن جي حل تي به زور ڏنو۔صحافي سامي ميمن پنهنجي خطاب ۾ چيو ته تعليم صرف ڊگري نه پر شعور ۽ خودمختياري جو ذريعو آهي۔ ميڊيا جي ذميواري آهي ته تعليمي مسئلن کي اجاگر ڪري۔ هن افسوس ظاهر ڪيو ته ايجوڪيشن سٽي سڏجندڙ گلشنِ حدید اڄ به پاڻي جهڙي بنيادي سهولت کان محروم آهي۔ٻين مقررائن به پنهنجا ويچار ونڊيا۔ ماه جبين بلوچ عورتن جي هنر مندي تربيت تي زور ڏنو، شبنم سومرو سماجي روين جي تبديلي کي ضروري قرار ڏنو، جڏهن ته ڪائنات رمضان شاگردياڻين جي نمائندگي ڪندي محفوظ تعليمي ماحول ۽ بهتر سفري سهولتن جو مطالبو ڪيو۔ رخسانه هاليپوٽو والدين کي ڌيئرن جي تعليم کي اوليت ڏيڻ جي اپيل ڪئي۔ لاريب جروار ڊجيٽل مهارتن جي اهميت بيان ڪئي، ميڊم حنا استادن جي ڪردار تي روشني وڌي ۽ ڪومل ياسمين ڪيريئر ڪائونسلنگ جي ضرورت تي زور ڏنو۔ زبيده چيو ته عورتن جي تعليم دراصل انساني حقن جي تڪميل آهي۔اسڪول جي پرنسپل سيد نعمان رضا چيو ته تعليم جو معيار بهتر بڻائڻ لاءِ استادن جي تربيت، جديد نصاب ۽ والدين سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ ضروري آهي ۽ ادارو هر ممڪن سهڪار لاءِ تيار آهي۔ڪانفرنس دوران پاڻي جي شديد کوٽ، ٽٽل رستن، سيوريج جي خراب صورتحال ۽ امن امان جي مسئلن تي به تفصيلي ڳالهيون ڪيون ويون۔ شرڪاءَ لاڳاپيل ادارن کان فوري نوٽيس وٺڻ جو مطالبو ڪيو۔تقريب جي پڄاڻي تي مهمانن کي سنڌ جي ثقافتي سڃاڻپ اجرڪ جا تحفا پيش ڪيا ويا