سليم رضا ۽ سندس ڀاء سعيد عباس اسان خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي: ڪزبانو سولنگي
ھڱورجا(رپورٽر)ھڱورجا جي ڳوٺ نھال خال سولنگي جي رھواسي پيرسن عورت مسمات ڪزبانو سولنگي پنھنجي پٽ سجاد سولنگي سان گڏ با اثر جي ظلمن خلاف پريس ڪلب پھچي احتجاج ڪندي الزام لڳايو آهي ته ڳوٺ جو با اثر سليم رضا ۽ سندس ڀاء سعيد عباس اسان جي خلاف رڻ ٻاري ڏنو آھي ڪيترائي ڀيرا اسان جي مٿان حملا ڪرايا آھي ھن چيو ت سليم رضا کي زمين وڪرو ڪري ڏني آھي زمين جا پئسا گھرڻ تي ڏمرجي پيو آھي اسان کي مارڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي اسان غريب مسڪين آھيون اسان ايس ايس پي خيرپور وٽ ب دانھيو آھي پر ڪير ب داد رسي ڪرڻ لاء تيار ناھي . ھنن مطالبو ڪيو آھي ت با اثر خلاف ڪاروائي ڪري انصاف فراھم ڪيو وڃي.
0 تبصرے