English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: ميمڻ ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل، نوجوان ناري سخت زخمي
307 views
|
12th Feb 2026
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن جي فائرنگ ۾ سيفل جوکيو، غلام حيدر قتل، نيها مسيح زخمي ٿي پئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ميمن ڳوٺ ٿاڻي جي حد ۾ لڪي سيمينٽ فيڪٽري ڀرسان نامعلوم هٿياربندن اوچتو فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ٻه ڄڻا موقعي تي ئي مارجي ويا ۽ هڪ عورت زخمي ٿي پئي. فوتين جي سڃاڻپ سيفل ولد نواب جوکيو ۽ غلام حيدر ولد محمد اسلم طور ٿي آهي.واقعي ۾ نيهه مسيح زال شهزاد پڻ زخمي ٿي، جنهن کي فوري طور طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. پوليس موجب فوتين جا لاش قانوني ڪارروائي لاءِ جناح اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن، جتي ضروري ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويندا.ايس ايڇ او ميمن ڳوٺ جو چوڻ آهي ته واقعي جا ڪارڻ هن وقت تائين سامهون نه اچي سگهيا آهن، جڏهن ته پوليس واقعي واري هنڌ تان شاهديون گڏ ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. جوابدارن جي گرفتاري لاءِ علائقي ۾ ڇاپا هنيا پيا وڃن ۽ مختلف رخن کان جاچ جاري آهي.پوليس اختيارين موجب شروعاتي طور واقعو ذاتي دشمني يا ٻين سببن جو نتيجو ٿي سگهي ٿو. واقعي کان پوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
یورپ میں ریکارڈ توڑ گرمی، اموات کی تعداد 1500 تک پہنچ گئی
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران جوہری ہتھیار نہ رکھنے پر راضی ہے: صدر ٹرمپ
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایرانی اور فرانسیسی وزرائے خارجہ کے درمیان رابطہ، مفاہمتی یادداشت پر تبادلہ خیال
30th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران اور امریکہ کے درمیان آئندہ دنوں میں کسی ملاقات کا شیڈول طے نہیں: ایرانی وزارت خارجہ
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ پوليس مقابلو، هڪ مبينا ڏوهاري مارجي ويو، ساٿي فرار
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ نوجوان قتل
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گڏاپ جي 42 ڳوٺن لاءِ منظور ٿيل بلڪ واٽر سپلاءِ اسڪيم مان پاڻي چوري، علائقي واسين جو سخت احتجاج
30th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول پوليس پاران ربڏنو جت جي قتل ۾ ملوث 2 جوابدار گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ميمڻ ڳوٺ ۾ هٿياربندن جي فائرنگ
0 تبصرے