شڪارپور ۾ ناپر برادري جو ناري جي اغوا خلاف احتجاج

7تاريخ تي ڪار سوار ماريه ناپر کي اغوا ڪري ويا هئا: مظاهرين

شڪارپور ۾ ناپر برادري جو ناري جي اغوا خلاف احتجاج

شڪارپور(احسان ابڙو) ناپر برادري جو ناري اغوا واقعي خلاف احتجاجي مظاھرو ناري واپس ڪرائڻ جو مطالبو ان موقعي تي ناري ماريہ ناپر جا وارث ڏاڏو اقبال احمد ناپر,واجد علي ۽ غلام نبي ناپر ميڊيا سان ڳالھ ٻولھ ڪندي چيو تہ 7 تاريخ تي اسان جي فيملي بازار شاپنگ لاء ويل ھئا تہ واپسي تي رستي ۾ اسان جي ناري ماريہ ناپر کي ڪار سوار اغوا ڪري ويا ھئا جنھن جي سڃاڻپ ثاقب پٺاڻ طور ٿي جنھن جي سھولتڪاري غلام علي خلجي ڪئي,جنھن جو اسان لکيدر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي,اڄ خلجي ھوٽل تي ٿيل واقعي کي غلط رنگ ڏيئي رھيا آھن جيئن اسان مٿان ڪيس ڪري سگھن ھنن ڊي آء جي لاڙڪاڻو,ايس ايس پي شڪارپور سميت چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي تہ خدارا اسان کي پنھنجي ناري واپس ڪرائي ڏني وڃي.