سنڌ جا ڪچا علائقا ڊگهي عرصي کان رياست جي عملداري لاءِ هڪ وڏو چئلينج بڻيل رهيا هئا۔ اغوا براءِ تاوان، ڦرون، هٿياربند ٽولن جا ٺڪاڻا ۽ عام شهرين جو عدم تحفظ ــ هن سموري صورتحال اهڙو منظر پيش ڪيو هو، جتي خوف روزاني زندگيءَ جو حصو بڻجي ويو هو۔ اهڙي حالتن ۾ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار جو گھوٽڪي ضلعي جي رونتي واري بند جو دورو ۽ جاري ميگا آپريشن “نجاتِ مهراڻ” جو تفصيلي جائزو وٺڻ رڳو سرڪاري سرگرمي نه، پر رياستي عزم جو عملي اظهار هو۔
هي دورو هڪ واضح پيغام کڻي آيو آهي ته رياست هاڻي پٺتي نه هٽندي۔ گهرو وزير سان گڏ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي موجودگي ان ڳالهه جي علامت هئي ته سياسي قيادت ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا هڪ ئي صفحي تي آهن۔ جڏهن قيادت پاڻ مورچن تائين پهچي ٿي ته اهو نه رڳو فورسز جو حوصلو وڌائي ٿو، پر عوام جي دلين ۾ اعتماد جي نئين روشني به پيدا ڪري ٿو۔
ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو جي بريفنگ موجب سکر ۽ لاڙڪاڻو رينج ۾ 27 ڌاڙيل ماريا ويا، 82 زخمي ٿيا، 78 گرفتار ڪيا ويا ۽ 152 هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ٿيا۔ 17 مغوين جي بازيابي ۽ 87 هٿيارن جي برآمدگي رڳو انگ اکر نه آهن، پر انهن جي پٺيان اهي گهر آهن جتي اميد موٽي آئي آهي، اهي مائرون آهن جن جا پٽ واپس آيا، اهي ٻار آهن جن جي مٿان خوف جا پاڇا گهٽ ٿيا۔
هي اڳڀرائي ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته آپريشن نمائشي نه پر نتيجا ڏيندڙ آهي۔ ٻن هنڌن کان سواءِ ڪچي جا اڪثر علائقا ڪليئر ٿيڻ ان حڪمت عملي جي ڪاميابي ڏيکاري ٿو، جيڪا انٽيليجنس بنيادن، جديد ٽيڪنالاجي، ڊرون نگراني ۽ مربوط ڪمانڊ اينڊ ڪنٽرول نظام وسيلي ترتيب ڏني وئي آهي۔
گهرو وزير جو اهو چوڻ ته “جيڪو سرينڊر نه ڪندو، اهو ماريو ويندو” ظاهر ۾ سخت جملو آهي، پر ان جي پٺيان اهي سال آهن جڏهن رياست جي عملداري کي للڪاريو ويندو رهيو۔ هي بيان دراصل قانون جي بالادستي جو اعلان آهي ــ هڪ آخري خبردار ڪرڻ ته هٿيار ڦٽا ڪريو ۽ قانون آڏو پيش ٿيو، ڇو ته رياست هاڻي ڪمزور نه آهي۔
اهو به قابلِ ذڪر آهي ته ڪيترن ئي ڏوهاري عنصرن هٿيار ڦٽا ڪري سرينڊر ڪيو آهي۔ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته حڪومت جو پيغام رڳو طاقت جو نه، پر واٽ ڏيڻ جو به آهي ــ جيڪو قانون اڳيان اچڻ چاهي، ان لاءِ در کليل آهي۔
سنڌ پوليس ۽ رينجرز جون قربانيون ساراهه جوڳيون آهن۔ ڪچي جي ڏکين علائقن ۾ آپريشن ڪرڻ آسان ڪم نه آهي۔ اهي سپاهي پنهنجي جان هٿ تي رکي شهرين جي تحفظ لاءِ نڪرن ٿا۔ گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ پاران سندن حوصلي افزائي انتهائي اهم آهي، ڇو ته جنگون رڳو هٿيارن سان نه، پر حوصلن سان به کٽيون وينديون آهن۔
سنڌ حڪومت پاران جديد هٿيار، ايڊوانس ڊرون ۽ ٻيا اوزار مهيا ڪرڻ جو اعلان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته هي عزم عارضي نه، پر مستقل آهي۔ ڪچي ۾ پوليس جي مستقل ۽ مؤثر موجودگي مستقبل ۾ ڏوهاري سرگرمين جي واپسي جا در بند ڪندي۔ ڪي ناقد هن قدمن کي سياسي عينڪ سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪن ٿا، پر جڏهن مغوي بازياب ٿين ٿا، ڦرون گهٽجن ٿيون ۽ خوف جا پاڇا هٽڻ لڳن ٿا ته اها ڪنهن پارٽي جي نه، پر عوام جي فتح هوندي آهي۔ وزيراعليٰ سنڌ جي مڪمل حمايت ۽ صدر پاڪستان جي امن واري خواب جو حوالو ان ڳالهه جي علامت آهي ته هي مشن صوبي يا سياست تائين محدود نه، پر قومي نوعيت جو آهي۔
ڪچا علائقا ڪڏهن قانون کان بالاتر عنصرن جا محفوظ ٺڪاڻا سمجهيا ويندا هئا۔ اڄ اهي ئي علائقا رياست جي اڳڀرائي جا شاهد بڻجي رهيا آهن۔ مورچن ڏانهن وڌندڙ قدم، ڊرون نگراني ۽ سرينڊر ڪندڙ عنصر ــ اهي سڀ ان ڳالهه جو اعلان آهن ته سنڌ ۾ امن جو خواب هاڻي صرف خواب نه رهندو۔
“نجاتِ مهراڻ” رڳو هڪ آپريشن نه، پر هڪ عزم آهي ــ ته شهرين جي جان ۽ مال جو تحفظ اولين ترجيح رهندو، ڏوهاري عنصرن خلاف بنا امتياز ڪارروائي جاري رهندي ۽ آخري ڌاڙيل جي خاتمي تائين رياست جي رٽ قائم رکڻ جي جدوجهد هلندي رهندي۔
جيڪڏهن اهو تسلسل، اها سنجيدگي ۽ اهو گڏيل عزم برقرار رهيو ته اهو ڏينهن پري نه هوندو جڏهن ڪچا علائقا خوف جي علامت نه، پر امن، ترقي ۽ خوشحالي جي مثال بڻجندا۔ ۽ شايد تڏهن اسين اعتماد سان چئي سگهنداسين ــ رياست واقعي واپس اچي چڪي آهي۔
0 تبصرے